Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 3:11 - Sindhi Bible

11 ۽ خداوند سموئيل کي چيو تہ ڏس، آءٌ اسرائيل ۾ هڪڙو ڪم ڪندس، سو ٻڌي سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جا ڪن وڄڻ لڳندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 تڏهن خداوند سموئيل کي چيو تہ ”آءٌ بني اسرائيل ۾ هڪڙو اهڙو ڪم ڪرڻ وارو آهيان، جنهن کي جيڪو بہ ٻڌندو تنهن جا ڪن وڄي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 3:11
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس آءٌ يروشلم ۽ يهوداہ تي اهڙي مصيبت نازل ٿو ڪريان جو جيڪو انهيءَ جي خبر ٻڌندو تنهن جا ٻئي ڪن پيا ٻرندا.


ڏس، هن جي بابت اُميد اجائي آهي: رڳو هن کي ڏسڻ شرط ماڻهو هيٺ ڪري ڪين پوندو ڇا؟


جيترا ڀيرا اها لنگهندي، اوترا ڀيرا اها اوهان کي پڪڙيندي؛ ڇالاءِ جو هر صبح جو، ۽ ڏينهن جو، ۽ رات جو اُها اوهان تي اُٿلندي، ۽ انهي پيغام جو نتيجو رڳو ڊپ ٿيندو.


تنهن ڪري ڏس، آءٌ هن اُمت ۾ هڪڙو عجيب ڪم ڪندس، بلڪل عجيب ۽ حيرت جهڙو ڪم، ۽ انهن جي ڏاهن ماڻهن جي ڏاهپ چٽ ٿي ويندي، ۽ انهن جي سمجهہ وارن جي سمجهہ گم ٿي ويندي.


۽ چئُہ، تہ اي يهوداہ جا بادشاهہ ۽ يروشلم جا رهاڪو، اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو؛ لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ هن هنڌ تي اهڙي آفت آڻيندس جو جيڪو انهي جو ذڪر ٻڌندو تنهنجا ڪن پيا ٻرندا.


اوهين قومن تي ڌيان ڏيئي نظر ڪريو ۽ گهڻو عجب ڪريو: ڇالاءِ جو آءٌ اوهانجن ڏينهن ۾ اهڙو ڪم ڪندس جو جيڪڏهن اوهان کي ٻڌايو ويندو، تہ اوهين اعتبار ڪين ڪندا.


جيڪي آفتون زمين تي اچي نازل ٿينديون، تن جي اُلڪي ۾ ڊپ کان ماڻهن جو ساهہ ئي سُڪي ويندو، ڇالاءِ جو آسمان جون طاقتون ڏڪي وينديون.


”اوهين جي حقارت ٿا ڪريو، سي ڏسي عجب ۾ پئجي وڃو؛ ۽ برباد ٿي وڃو، ڇالاءِ جو آئون اوهان جي زماني ۾ هڪڙو ڪم ڪندس، اهڙو جو جيڪڏهن ڪو اوهان کي بيان ڪري ٻُڌائي تہ اوهين ڪڏهن بہ مٿس اعتبار ڪين آڻيندا.“


۽ خداوند اچي بيٺو ۽ اڳئين وانگر سڏ ڪري چيائين تہ سموئيل، سموئيل. تڏهن سموئيل چيو تہ حڪم ڪر؛ ڇالاءِ جو تنهنجو ٻانهو ٻڌي ٿو.


۽ فلستي اُٿي وڙهيا ۽ اسرائيلين شڪست کاڌي، ۽ اُهي سڀ ڀڄي پنهنجن تنبن ۾ آيا: ۽ ڏاڍو ڪوس ٿيو: ڇالاءِ جو اسرائيلين جا ٽيهہ هزار پيادا مارجي ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ