Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 3:1 - Sindhi Bible

1 ۽ اهو ڇوڪر سموئيل عيليءَ جي اڳيان خداوند جي خدمت ڪندو هو، ۽ خداوند جو ڪلام انهن ڏينهن ۾ ڪامياب هو؛ ڪو ظاهر ظهور رويا نہ ٿيندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 جن ڏينهن ۾ اهو ڇوڪرو سموئيل عيليءَ جي هدايت هيٺ خداوند جي خدمت ڪندو هو، تن ڏينهن ۾ خداوند جو فرمان اڻ‌لڀ هو ۽ رويا اڪثر ڪري ڏسڻ ۾ نہ ايندي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 3:1
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسين پنهنجا نشان نٿا ڏسون: اسان وٽ ڪو نبي بہ ڪونہ بچيو آهي؛ نڪو ڪو اهڙو ماڻهو آهي جنهن کي خبر هجي تہ هي حال ڪيستائين هلندو.


جتي ڪو رويا ڪونهي اُتي ماڻهو بي لغام ٿيو وڃن، پر اُهو سڀاڳو آهي جو شريعت جي سنڀال ڪري ٿو.


آءٌ ماڻهوءَ کي عمدي سون کان بلڪ انسان کي اوفير جي خالص سون کان بہ وڌيڪ ڪامياب ڪندس.


نقصان تي نقصان ايندو، ۽ افواهہ تي افواهہ هوندي؛ ۽ هو نبيءَ جي رويا ڳوليندا، پر شريعت ڪاهنن کان نڪري ويندي ۽ صلاح مصلحت بزرگن کان.


۽ القانہ، رامہ ڏي پنهنجي گهر ويو. ۽ اُهو ٻار عيلي ڪاهن جي اڳيان خداوند جي خدمت ڪندو رهيو.


پر سموئيل ٻار هو، ۽ سڻيءَ جي ڪپڙي جو اُفود چيلهہ سان ٻڌي خداوند جي خدمت ڪندو هو.


۽ آءٌ پنهنجي لاءِ هڪڙو ايماندار ڪاهن مقرر ڪندس جو منهنجي مرضيءَ موجب ڪم ڪندو: ۽ آءٌ انهي جي لاءِ هڪڙو پڪو گهر جوڙيندس؛ ۽ اُهو هميشہ منهنجي ممسوح ڪيل جي اڳيان هلندو.


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو بہ ماڻهو تنهنجي گهر ۾ باقي رهندو سو چانديءَ جي هڪڙي سڪي، ۽ مانيءَ جي هڪڙي ٽڪيءَ لاءِ اچي انهي جي اڳيان ڪنڌ جهڪائيندو، ۽ چوندو تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي ڪاهنن جي عهدن مان هڪڙي تي رک تہ آءٌ مانيءَ جو گرهہ کاوان.


۽ سموئيل صبح تائين سمهيو پيو هو، ۽ پوءِ اُٿي خداوند جي گهر جا در کوليائين. ۽ سموئيل عيلي کي انهي رويا جي بيان ڪري ٻڌائڻ کان ڊنو.


۽ خداوند وري بہ سيلا ۾ ظاهر ٿيو: ڇالاءِ جو خداوند پاڻ کي سموئيل تي سيلا ۾، خداوند جي ڪلام جي وسيلي ظاهر ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ