Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 29:4 - Sindhi Bible

4 پر فلستين جا سردار هن تي ڪاوڙيا؛ ۽ فلستين جي سردارن هن کي چيو تہ انهي ماڻهو کي موٽائي، تہ هو وري اُنهي هنڌ وڃي جتي تو هن کي مقرر ڪيو آهي، ۽ هو اسان سان جنگ تي نہ هلي، متان جنگ هلندي هو ڦري اسان جو دشمن ٿي پوي: ڇالاءِ جو ڪهڙيءَ طرح هي شخص پنهنجي ڌڻي سان ٺاهہ ڪندو؟ هنن ماڻهن جي سسين سان تہ نہ ڪندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 پر فلستين جا سالار اڪيس تي ڪاوڙيا ۽ کيس چيائون تہ ”انهيءَ ماڻهوءَ کي موٽايو تہ هو انهيءَ جاءِ تي موٽي وڃي جيڪا توهان هن جي لاءِ مقرر ڪئي آهي. هو اسان سان گڏ جنگ تي نہ هلي، متان جنگ هلندي هو ڦري اسان جو دشمن ٿي پوي، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي آقا سان هنن ماڻهن جي سسين کان سواءِ ڪيئن ٺاهہ ڪري ٿو سگھي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 29:4
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منسيءَ مان بہ ڪي، جڏهن دائود فلستين سان گڏجي سائول سان جنگ ڪرڻ آيو، تڏهن وٽس آيا، پر هنن انهن کي مدد ڪانہ ڏني: ڇالاءِ جو فلستين جي اميرن صلاح مشورت کانپوءِ هن کي موڪلي ڏنو، ۽ چيائون تہ هو پنهنجي ڌڻيءَ سائول سان وڃي شامل ٿيندو، ۽ منجهانئس اسان جي سرن کي جوکو آهي.


صقلاج ڏي ويندي هن سان منسي مان هيٺيان شامل ٿيا، عدنہ، يوزباد، ۽ يدي عيل، ۽ ميڪاايل، ۽ يوزباد، ۽ اليهو، ۽ ضلتئي، جي منسي جي هزارن جا سردار هئا.


تنهنڪري اچو تہ ساڻن هوشياريءَ سان هلون، متان اُهي اڃا بہ وڌي وڃن، ۽ پوءِ جڏهن ڪا جنگ لڳي، تڏهن اهي وڃي اسان جي دشمن سان گڏجن ۽ اسان سان وڙهن، ۽ هن ملڪ مان نڪري وڃن.


۽ سندس مالڪ اُنهي کوٽي گماشتي جا انصاف مڃيا، ڇالاءِ جو هن پڪائي ڪئي هئي! ڪيئن جو هن دنيا جا ٻار پنهنجي زماني ۾ روشني جي ٻارن کان وڌيڪ سياڻا آهن.


هاڻي جيڪي عبراني اڳي وانگر فلسطين سان هئا، ۽ جيڪي اُنهن سان گڏجي آس پاس واري ملڪ مان لشڪرگاهہ ڏي ويا هئا: سي بہ ڦري انهن اسرائيلين سان ٿيا جي سائول ۽ يونتن سان هئا.


تڏهن اڪيس انهيءَ ڏينهن هن کي صقلاج ڏنو: انهي ڪري صقلاج اڄ ڏينهن يهوداہ جي بادشاهن جو آهي.


۽ اڪيس دائود کي ورندي ڏيئي چيو تہ مون کي خبر آهي تہ تون منهنجي نظر ۾ خدا جي هڪڙي فرشتي جهڙو چڱو آهين: انهي هوندي بہ فلستين جي سردارن چيو آهي تہ هو اسان سان جنگ تي نہ هلي.


۽ هيئن ٿيو تہ ٽئين ڏينهن جڏهن دائود ۽ سندس ماڻهو صقلاج ۾ آيا، تڏهن عماليقين ڏکڻ تي ۽ صقلاج تي ڪاهہ ڪئي هئي، ۽ صقلاج کي ڦري لٽي باهہ ڏئي ساڙي ڇڏيو هئائون؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ