Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 28:7 - Sindhi Bible

7 تڏهن سائول پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ مون کي ڪا اهڙي ڀوپڻ ڳولي ڏيو، تہ آءٌ وٽس وڃي سوال ڪريان. ۽ هن جي نوڪر چيو تہ ڏس، عين دور ۾ هڪڙي ڀوپڻ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 تڏهن سائول پنهنجي عملدارن کي چيو تہ ”مون کي اهڙي عورت ڳولي ڏيو جيڪا مئلن جي روحن سان ڳالهائيندي هجي، تہ آءٌ وٽس وڃي کانئس پڇاڳاڇا ڪريان.“ سندس عملدارن ٻڌايس تہ ”عين‌دور ڳوٺ ۾ هڪڙي اهڙي عورت آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 28:7
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اڃا هن اُنهن سان پئي ڳالهايو تہ اُهو قاصد وٽس آيو: ۽ اچي چيائينس تہ ڏس، هيءَ خرابي خداوند جي طرفان آيل آهي: ڇالاءِ آءٌ هن کان وڌيڪ خداوند جو منتظر رهان؟


انهيءَ طرح سائول جيڪو گناهہ خداوند جي برخلاف ڪيو هو، جو خداوند جي حڪم تي پوريءَ طرح نہ هليو هو، تنهن جي ڪري مئو؛ ۽ انهيءَ ڪري بہ، جو هن هڪڙي ڏائڻ کان صلاح مشورت پڇي،


جي عين دور ۾ تباهہ ٿي ويا؛ اهي ڄڻ تہ زمين جو ڀاڻ ٿي پيا.


۽ مصر جو روح ان جي اندر ۾ نابود ڪيو ويندو؛ ۽ ان جي صلاح مصلحت ناس ڪري ڇڏيندس: ۽ هو بتن کي، ۽ منڊ هڻڻ وارن کي، ۽ جناين کي، ۽ ڏائڻن کي ڳوليندا وتندا.


جيڪي ڀوپا ۽ جادوگر آهن، تن ڏانهن منهن نہ ڪجو، نڪي انهن کي ڳولي وٽن وڃجو، متان اوهين انهن سان ناپاڪ ٿيو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


ڇالاءِ جو رويا اڃا بہ مقرر ڪيل وقت تائين آهي، ۽ اُهو پڇاڙيءَ ڏي تڪڙو لنگهندو وڃي ٿو، ۽ ڪوڙ نہ چوندو: جيتوڻيڪ اُهو دير ڪندو، تہ بہ تون انهيءَ لاءِ منتظر رهہ، ڇالاءِ جو اُهو ضرور ايندو ۽ دير ڪين ڪندو.


۽ هيئن ٿيو تہ جيئن اسين اُنهيءَ دعا گهُرڻ واري جاءِ ڏانهن پئي وياسين، تيئن اسان کي هڪڙي ٻانهي گَڏِي، جنهن ۾ غيب دان ڀوت هوندو هو، سا اڳڪٿيون ڪري پنهنجي ڌڻين کي گهڻو ئي ڪمائي ڏيندي هئي.


يا جو ڪامڻ ڪري، يا جو ڀوتن کان پڇاڳاڇا ڪري، يا جنائي، يا ڀوپو هجي.


۽ منسي جا اشڪار ۽ آشر ۾، بيٿ شان ۽ اُنهي جا شهر هئا، ۽ ابليعام ۽ انهي جا شهر، ۽ دور جا رهاڪو، ۽ انهي جا شهر، ۽ عين دور جا رهاڪو ۽ انهي جا شهر، ۽ تعناڪ جا رهاڪو ۽ انهي جا شهر، ۽ مجدو جا رهاڪو ۽ انهي جا شهر، يعني ٽي چاڙهيون.


هاڻي سموئيل مري ويو هو، ۽ سڀني اسرائيلين سندس لاءِ ماتم ڪري کيس سندس شهر رامہ ۾ دفن ڪيو هو. ۽ سائول انهن سڀني ڀوپن، ۽ جادوگرن کي ملڪ مان ڪڍي ڇڏيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ