Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 28:4 - Sindhi Bible

4 ۽ فلستي گڏ ٿيا ۽ شونيم ۾ تنبو هنيائون: ۽ سائول سڀ اسرائيلي گڏ ڪيا، ۽ اُنهن جلبوعہ ۾ تنبو هنيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 پوءِ جڏهن فلستي گڏ ٿيا ۽ اچي شونيم ڳوٺ جي ڀرسان خيما کوڙيائون، تڏهن سائول بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي گڏ ڪري جِلبوعہ جي جابلو علائقي ۾ اچي خيما کوڙيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 28:4
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي جلبوعہ جا جبلو، ڀلي تہ اوهان تي ماڪ يا مينهن نہ پئي، ۽ نذرانن جون ٻنيون نہ ٿين: ڇالاءِ جو اتي بهادرن جي سپر ڪميڻائيءَ سان اُڇلائي ڇڏي وئي، يعني سائول جي سپر ڄڻ تہ اها بي مسح جي هئي.


۽ هن جوان ماڻهوءَ چيو تہ اتفاق سان جڏهن آءٌ جلبوعہ جبل تي ويس تڏهن ڏسان تہ سائول پنهنجي نيزي کي ٽيڪ ڏيو بيٺو آهي؛ ۽ ڏس، گاڏيون ۽ گهوڙي سوار بنهہ سندس پٺيان لڳا اچن.


۽ دائود وڃي يبيس جلعاد جي ماڻهن کان سائول جا ۽ سندس پٽ يونتن جا هڏا ورتا، جي انهن بيت شان جي گهٽيءَ مان چورايا هئا؛ جنهن ڏينهن فلستين سائول کي جلبوعہ ۾ قتل ڪيو، انهيءَ ڏينهن فلستين انهن کي اُتي ڦاسيءَ تي چاڙهيو هو:


تڏهن هنن اسرائيل جي سڀني سرحدن ۾ هڪڙي خوبصورت ڇوڪري ڳولي، ۽ شونميت ابي شاگ لڌائون، جا وٺي بادشاهہ وٽ آندائون.


۽ هڪڙي ڏينهن هيئن ٿيو تہ اليشع لنگهي شونيم ڏي ويو، جتي هڪڙي امير زال رهندي هئي؛ ۽ هن زور ڪيس تہ ماني کاءُ. ۽ ائين ئي ٿيو، تہ جڏهن ڪڏهن هو اُتان لنگهندو هو تڏهن ڦري اچي اُتي ماني کائيندو هو.


۽ انهن جي سرحد يزرعيل، ۽ ڪسولوٿ، ۽ شونيم؛


۽ جڏهن سائول فلستين جو لشڪر ڏٺو تڏهن ڊنو، ۽ سندس دل تمام گهڻو ڏڪڻ لڳي.


هاڻي فلستي اسرائيل سان وڙهيا: ۽ اسرائيل جا ماڻهو فلستين جي اڳيان ڀڄي ويا ۽ جلبوعہ جبل تي قتل ٿي ڪري پيا.


۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ جڏهن فلستي قتل ٿيل ماڻهن جي لٽڻ لاءِ آيا، تڏهن ڏسن تہ سائول ۽ سندس ٽيئي پٽ جلبوعہ جبل تي مئا پيا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ