Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 28:3 - Sindhi Bible

3 هاڻي سموئيل مري ويو هو، ۽ سڀني اسرائيلين سندس لاءِ ماتم ڪري کيس سندس شهر رامہ ۾ دفن ڪيو هو. ۽ سائول انهن سڀني ڀوپن، ۽ جادوگرن کي ملڪ مان ڪڍي ڇڏيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 انهيءَ عرصي دوران سموئيل وفات ڪري چڪو هو ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن سندس لاءِ سوڳ ڪندي کيس سندس ئي شهر رامہ ۾ دفن ڪري ڇڏيو هو. ان وچ ۾ سائول سڀني ڀوپن ۽ مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن کي ملڪ مان ختم ڪرائي ڇڏيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 28:3
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جي انهيءَ جو پيءُ کيس انهيءَ جي ٻانهن ڏيڻ لاءِ بلڪل راضي نہ ٿئي، تہ هو ڪنوارين زالن جي ڏاج جيترا پئسا ڏئي.


تون ڪنهن جادوگر زال کي جيئرو متان ڇڏين.


جيڪي ڀوپا ۽ جادوگر آهن، تن ڏانهن منهن نہ ڪجو، نڪي انهن کي ڳولي وٽن وڃجو، متان اوهين انهن سان ناپاڪ ٿيو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


جيڪو مرد يا زال ڀوپو يا جادوگر هجي، سو ضرور ماريو وڃي: انهي کي پهڻن سان سنگسار ڪيو وڃي: انهن جو خون سندن گردن تي آهي.


۽ جيڪو ماڻهو ڀوپن ۽ جادوگرن ڏانهن منهن ڪندو، ۽ انهن جي پيروي ڪري زناڪار ٿيندو، آءٌ انهي ماڻهو جي برخلاف ٿيندس، ۽ انهي کي سندس قوم مان تباهہ ڪري ڇڏيندس.


ڇالاءِ جو نافرماني جادوگريءَ جهڙو ئي گناهہ آهي، ۽ سرڪشي، بت پرستي ۽ خانگي معبود رکڻ جي برابر آهي. تو خداوند جو حڪم رد ڪيو آهي، تنهنڪري هن بہ توکي بادشاهہ ٿيڻ کان رد ڪيو آهي.


۽ سموئيل وفات ڪئي، ۽ سڀ اسرائيلي اچي گڏ ٿيا، ۽ هن لاءِ ماتم ڪرڻ لڳا، ۽ هن کي رامہ ۾ سندس گهر ۾ دفن ڪيائون. ۽ دائود اُٿيو ۽ فاران جي بيابان ڏي ويو.


تڏهن انهي زال چيس تہ ڏس، توکي خبر آهي تہ سائول ڇا ڪيو آهي جو ڀوپن ۽ جادوگرن کي هن ملڪ مان وڍي ڪڍي ڇڏيو آهي: تڏهن ڇو منهنجي مارڻ لاءِ تون هيءَ ڦاهي ٿو وجهين؟


۽ هو رامہ ۾ موٽي ايندو هو، ڇالاءِ جو سندس گهر اُتي هو؛ ۽ اُتي هو اسرائيل جو قاضي هو: ۽ اُتي هن خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ