Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 28:23 - Sindhi Bible

23 پر هن انڪار ڪري چيو تہ آءٌ ڪين کائيندس. پر هن جي نوڪرن انهي زال سان گڏجي کيس گهڻو زور ڪيو؛ تڏهن هن انهن جي ڳالهہ مڃي ۽ هو زمين تان اُٿي کٽ تي ويٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 پر هن انڪار ڪري چيو تہ ”آءٌ ڪين کائيندس.“ تڏهن سندس ساٿين انهيءَ عورت سان گڏجي کيس گھڻو زور ڀريو، تنهن کان پوءِ هن انهن جي ڳالهہ مڃي ۽ زمين تان اُٿي کٽ تي ويٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 28:23
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اها جيڪا ڳالهہ نبوت يزرعيليءَ هن کي چئي، تنهن جي ڪري اخي آب دلگير ۽ رنج ٿي پنهنجي گهر آيو: ڇالاءِ جو هن چيو هو تہ آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جو ورثو توکي نہ ڏيندس. ۽ هو پنهنجي هنڌ تي منهن ورائي سمهي پيو ۽ ماني نہ کاڌائين.


ڇالاءِ جو مسيح جي محبت اسان کي مجبور ٿي ڪري، هن ڪري جو اسين ائين ٿا سمجهون، تہ جي هڪڙو سڀني لاءِ مُئو تہ سڀ مري ويا؛


۽ جڏهن انهيءَ، توڙي سندس گهر جي سڀني ڀاتين بپتسما ورتي، تڏهن اسان کي منٿ ڪري چوڻ لڳي تہ جيڪڏهن اوهين مون کي خداوند جي ايماندار بندي ڪري ٿا سمجهو، تہ منهنجي گهر هلي رهو. ۽ زور ڪري اسان کي وٺي ويئي.


تڏهن هنن زور ڪيس تہ اسان وٽ ٽڪي پؤ، ڇالاءِ جو سانجهي ٿيڻ تي آهي، ۽ ڏينهن لڙي ويو هو. تڏهن هو ساڻن ٽڪڻ لاءِ اندر ويو.


تڏهن مالڪ نوڪر کي چيو، تہ سڙڪن، ۽ ٻنين جي دڳن تي وڃ، ۽ مجبور ڪري وٺي اچين، تہ منهنجو گهر ڀرجي پوي.


جيڪو غمگين دل واري جي اڳيان گيت ڳائي ٿو سو انهيءَ ماڻهو وانگر آهي جو سياري ۾ ڄڻ تہ ڪنهن جا ڪپڙا لاهي، ۽ شوري تي سرڪو ٿو وجهي.


۽ هن جا نوڪر ويجهو آيا، ۽ هن کي چوڻ لڳا تہ اي منهنجا جا ابا، جيڪڏهن نبي توکي ڪنهن وڏي ڪم ڪرڻ لاءِ چوي ها تہ تون اُهو نہ ڪرين ها ڇا؟ تڏهن ڇو نہ تون ائين ڪرين جڏهن هو توکي چوي ٿو تہ غسل ڪري پاڪ ٿيءُ.


۽ هڪڙي ڏينهن هيئن ٿيو تہ اليشع لنگهي شونيم ڏي ويو، جتي هڪڙي امير زال رهندي هئي؛ ۽ هن زور ڪيس تہ ماني کاءُ. ۽ ائين ئي ٿيو، تہ جڏهن ڪڏهن هو اُتان لنگهندو هو تڏهن ڦري اچي اُتي ماني کائيندو هو.


تنهنڪري هاڻي آءٌ عرض ٿي ڪريان تہ تون بہ پنهنجي ٻانهيءَ جي ڳالهہ مڃ، ۽ موڪل ڏي تہ مانيءَ جو هڪڙو گرهہ تنهنجي اڳيان رکان؛ ۽ ڪجهہ کاءُ، تہ واٽ جي لاءِ توکي ڪا طاقت ملي.


اڇي ڪپڙي، ۽ سائي ۽ نيري رنگ جا پردا، عمدي سڻيءَ ۽ واڱڻائي رنگ جي رسن سان، چانديءَ جي ڇلن ۽ سنگ مرمر جي ٿنڀن سان ٻڌل هئا: ڳاڙهي، ۽ اڇي، ۽ پيلي، ۽ ڪاري سنگ مرمر جي فرش تي سون ۽ چانديءَ جا پلنگ رکيل هئا.


۽ هڪڙي شاهي بستري تي چڙهي ويٺينءَ ۽ تو انهي جي اڳيان هڪڙي ميز ٺاهي رکي، جنهن تي تو منهنجو لوبان ۽ منهنجو تيل رکيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ