Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 28:1 - Sindhi Bible

1 ۽ انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو تہ فلستين اسرائيل سان وڙهڻ جي لاءِ پنهنجا لشڪر گڏ ڪيا. ۽ اڪيس دائود کي چيو تہ توکي ۽ تنهنجن ماڻهن کي ضرور مون سان گڏجي لشڪر ۾ هلڻو پوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 ڪجھہ عرصي کان پوءِ فلستين بني اسرائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ پنهنجا لشڪر گڏ ڪيا. تڏهن اڪيس دائود کي چيو تہ ”تو کي ۽ تنهنجي ماڻهن کي ضرور مون سان گڏجي لشڪر سان هلڻو پوندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 28:1
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ فلستي بہ اسرائيل سان وڙهڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا، ٽيهہ هزار جنگي گاڏيون، ۽ ڇهہ هزار گهوڙي سوار، ۽ ايترا بيشمار ماڻهو، جهڙي واري جا سمنڊ جي ڪناري تي آهي: ۽ هو ڪاهي آيا، ۽ اچي مڪماس ۾، بيت آون جي اُڀرندي ڏانهن تنبو هنيائون.


هاڻي فلستين جنگ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجا لشڪر آڻي گڏ ڪيا، ۽ اُهي شوڪہ ۾ جمع ٿيا، جو يهوداہ جو شهر هو، ۽ شوڪہ ۽ عزيقہ جي وچ ۾، افس دميم منجهہ تنبو هنيائون.


۽ اڪيس دائود تي ويساهہ آندو، ۽ چيائين تہ هو پنهنجي قوم اسرائيل ۾ بلڪل نفرت جهڙو ٿي پيو آهي؛ تنهنڪري هو هميشہ جي لاءِ منهنجو ٻانهو ٿيندو.


هاڻي فلستي اسرائيل سان وڙهيا: ۽ اسرائيل جا ماڻهو فلستين جي اڳيان ڀڄي ويا ۽ جلبوعہ جبل تي قتل ٿي ڪري پيا.


۽ جڏهن فلستين ٻڌو تہ بني اسرائيل مصفاہ ۾ گڏ ٿيا آهن، تڏهن فلستين جا سردار بني اسرائيل تي ڪاهي آيا، ۽ جڏهن بني اسرائيل اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن فلستين کان ڊڄي ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ