Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 27:8 - Sindhi Bible

8 پوءِ دائود پنهنجن ماڻهن سميت مٿي ويو، ۽ جسورين، ۽ جزرين، ۽ عماليقين تي ڪاهہ ڪيائين: ڇالاءِ جو اهي ئي قومون قديم وقت کان وٺي، شور ڏي ويندي مصر جي حد تائين، انهي ملڪ ۾ رهنديون هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 انهيءَ عرصي ۾ دائود ۽ سندس ماڻهو نڪري جسُورين، جزرين ۽ عماليقين تي حملا ڪندا رهندا هئا، جيڪي قديم زماني کان وٺي شور واري رستي مصر جي سرحد تائين واري علائقي ۾ رهندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 27:8
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يوآب اُٿيو ۽ جسور ڏي ويو، ۽ ابي سلوم کي يروشلم ۾ وٺي آيو.


۽ ابي سلوم يوآب کي ورندي ڏئي چيو تہ ڏس مون تو ڏي چوائي موڪليو تہ مون وٽ اچ تہ آءٌ توکي بادشاهہ ڏي موڪليان، ۽ چوائي موڪليان تہ آءٌ جسور کان ڇو آيو آهيان؟ اڃا تائين اُتي هجان ها تہ چڱو هو: تنهنڪري هاڻي مون کي بادشاهہ جو منهن ڏسڻ ڏي؛ ۽ جيڪڏهن منهنجو ڪو قصور هجي تہ ڀلي هو مون کي ماري.


ڇالاءِ جو جڏهن آءٌ ارام ملڪ ۾ جسور منجهہ رهندو هوس، تڏهن تنهنجي ٻانهي هڪڙي مڃتا مڃي هئي، ۽ چيو هئائين تہ جيڪڏهن خداوند مون کي کڻي وري يروشلم ۾ آندو تہ آءٌ خداوند جي عبادت ڪندس.


۽ ڏسو، دائود جا نوڪر، ۽ يوآب ڦرمار ڪري موٽي آيا، ۽ پاڻ سان گهڻو ئي لٽ جو مال آندائون: پر ابنير حبرون ۾ دائود سان ڪين هو؛ ڇالاءِ جو هن انهيءَ کي روانو ڪري ڇڏيو هو، ۽ هو صحيح سلامت هليو ويو هو.


۽ هن جو ٻيو پٽ ڪلياب هو، جو ابيجيل مان هو، جا اڳي نابال ڪرمليءَ جي زال هئي: ۽ ٽيون ابيسلوم هو، جو معڪہ جو پٽ هو، جا جسور جي بادشاهہ تلميءَ جي ڌيءَ هئي:


ارام مان، ۽ موآب مان، ۽ بني عمون مان ۽ فلستين مان، ۽ عماليق مان، ۽ ضوباہ جي بادشاهہ هدد عزر بن رحوب جي لٽ جي مال مان.


۽ جسور ۽ ارام انهن کان يائير جا شهر، قنات ان جي ڳوٺن سميت، مڙئي سٺ شهر ورتا. اهي سڀ جلعاد جي پيءُ مڪير جا پٽ هئا.


پوءِ موسيٰ اسرائيل کي ڳاڙهي سمنڊ کان پرتي وٺي هليو، ۽ هو شور جي بيابان ۾ آيا؛ هو ٽن ڏينهن تائين بيابان ۾ پنڌ ڪندا رهيا، پر پاڻي ڪونہ ڏٺائون.


پوءِ عماليقي آيا، ۽ رفيديم ۾ بني اسرائيل سان جنگ ڪيائون.


انهي ملڪ جي ڏکڻ ۾ عماليقي ٿا رهن، ۽ حتي ۽ يبوسي ۽ اموري جبلن ۾ ٿا رهن، ۽ سمنڊ واري پاسي ۽ يردن جي ڪناري تي ڪنعاني ٿا رهن.


پوءِ عماليقي ۽ ڪنعاني جي انهيءَ جبل تي رهندا هئا، سي هيٺ لهي آيا، ۽ حرمہ تائين انهن کي ماريندا آيا.


۽ جنهن جي بادشاهي هئي حرمون جبل ۾، ۽ سلڪہ، ۽ سڄي بسن تي، جسورين ۽ معڪاتين جي سرحد ۽ اڌ جلعاد تائين، ۽ حسبون جي بادشاهہ سيحون جي سرحد تي هئي:


انهي هوندي بہ بني اسرائيل نڪي جسورين کي، نڪي معڪاٿين کي، ڪڍي ڇڏيو: پر اهي جسوري ۽ معڪاٿي، اڄ ڏينهن تائين بني اسرائيل منجهہ رهندا اچن.


۽ جيڪا زمين اڃا رهيل آهي سا هيءَ آهي: فلستين جون سڀ سرحدون، ۽ سڀ جسوري؛


۽ انهن جزر ۾ رهندڙ ڪنعانين کي هڪالي نہ ڪڍيو، پر ڪنعاني اڄ ڏينهن تائين بني افرائيم ۾ رهندا اچن، ۽ سندن ٻانها ٿي انهن جي خدمت چاڪري ڪندا آهن.


۽ افرائيم انهن ڪنعانين کي هڪالي نہ ڪڍيو، جي جزر ۾ رهندا هئا؛ پر ڪنعاني انهن سان گڏ جزر ۾ رهندا آيا.


تڏهن اڪيس دائود کي سڏي چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي تہ تون سچو رهيو آهين، ۽ مون سان گڏ تنهنجو لشڪر سان ٻاهر وڃڻ ۽ اندر اچڻ منهنجي نظر ۾ چڱو آهي: ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن تون مون وٽ آيو آهين، تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مون تو ۾ ڪابہ خرابي ڪانہ ڏٺي آهي: انهي هوندي بہ سردار تو مان راضي نہ آهن.


۽ هيئن ٿيو تہ ٽئين ڏينهن جڏهن دائود ۽ سندس ماڻهو صقلاج ۾ آيا، تڏهن عماليقين ڏکڻ تي ۽ صقلاج تي ڪاهہ ڪئي هئي، ۽ صقلاج کي ڦري لٽي باهہ ڏئي ساڙي ڇڏيو هئائون؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ