Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 27:2 - Sindhi Bible

2 پوءِ دائود اُٿيو، ۽ جيڪي ڇهہ سؤ ماڻهو ساڻس هئا تن سميت لنگهي جات جي بادشاهہ معوڪ جي پٽ اڪيس وٽ ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن دائود پنهنجي ڇهہ سؤ ماڻهن سميت نڪري جات شهر جي بادشاهہ اڪيس ولد معوڪ وٽ آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 27:2
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي جيسين دائود سائول بن قيس جي سبب اڃا پاڻ کي پئي لڪايو تيسين جيڪي ماڻهو هن وٽ صقلاج ۾ آيا، سي هي آهن: ۽ اُهي بهادر مردن منجهان هئا ۽ جنگ ۾ سندس مددگار هئا.


پوءِ دائود اُٿيو ۽ انهي ڏينهن سائول جي ڊپ کان ڀڄي جات جي بادشاهہ اڪيس وٽ ويو.


۽ اڪيس جي نوڪرن هن کي چيو تہ هي ملڪ جو بادشاهہ دائود ناهي ڇا؟ جنهن جي بابت نچندي هنن هڪٻئي کي ٿي چيو تہ سائول هزارن کي ماريو آهي ۽ دائود لکن کي؟


۽ دائود پنهنجن ماڻهن کي چيو تہ هرڪو ماڻهو پنهنجي ترار ٻڌي. ۽ هنن پنهنجي پنهنجي ترار ٻڌي، ۽ دائود بہ پنهنجي ترار کنئي: ۽ اٽڪل چار سو ماڻهو دائود جي پٺيان لڳا؛ ۽ ٻہ سؤ سامان وٽ رهجي ويا.


۽ دائود خداوند کي سوال ڪري چيو تہ جيڪڏهن آءٌ هن لشڪر جي پٺيان پوندس تہ انهي کي پهچي سگهندس يا نہ؟ ۽ هن جواب ڏنس تہ پٺيان پئين: جو تون ضرور وڃي پهچندين، ۽ يقيناً سڀ ڪجهہ انهن کان وري بہ ڇڏائي وٺندين.


تڏهن دائود، جيڪي ڇهہ سؤ ماڻهو ساڻس هئا، تن سميت اُٿي هليو، ۽ بسور جي نهر وٽ آيو، ۽ جيڪي پٺ تي ڇڏيا ويا هئا، سي اُتي ترسي پيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ