Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 27:10 - Sindhi Bible

10 ۽ اڪيس چيو تہ اڄ اوهان ڪيڏي ڪاهہ ڪئي هئي؟ تڏهن دائود چيس تہ يهوداہ جي ڏکڻ تي، ۽ يرحميلين جي ڏکڻ تي، ۽ قينين جي ڏکڻ تي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 پر جڏهن اڪيس کانئس پڇندو هو تہ ”اڄ اوهان ڪيڏانهن ڪاهہ ڪئي هئي؟“ تڏهن دائود ڦيرائي ٻڌائيندو هئس تہ يهوداہ جي ڏکڻ يا يرحمئيلين جي ڏکڻ يا قينين جي ڏکڻ ڏانهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 27:10
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ چيائين تہ ڇا تون سچ پچ منهنجو پٽ عيسو آهين؟ هن چيو تہ ها آءٌ اهوئي آهيان.


۽ ابي سلوم جا نوڪر انهيءَ گهر ۾ انهيءَ زال وٽ آيا؛ ۽ چوڻ لڳا تہ اخيمعض ۽ يونتن ڪٿي آهن؟ ۽ انهيءَ زال ورندي ڏني تہ هو نهر جي پار لنگهي ويا؛ پوءِ هنن انهن کي ڳولهيو پر نہ لڌائون، تڏهن هو موٽي يروشلم ۾ آيا.


۽ حصرون جي پهرين ڄاول ٻار يرحمئيل جا پٽ؛ رام پهريون ڄاول، ۽ بونہ، اورن، اوضم، ۽ اخياہ هئا.


۽ حصرون جا پٽ، جي هن کي ڄاوا هئا، سي آهن يرحمئيل، ۽ رام، ۽ ڪلوبئي.


مون کي ڪوڙ کان نفرت ۽ حقارت آهي؛ پر تنهنجيءَ شريعت کي پيار ٿو ڪريان.


ڪوڙ جي واٽ کان مون کي پري رک: ۽ ٻاجهہ ڪري مون کي پنهنجي شريعت ڏي.


ماڻهوءَ جو ڊپ هڪڙو ڦانڌو آڻي ٿو، پر جيڪو پنهنجو ڀروسو خداوند تي ٿو رکي سو سلامت رهندو.


پوءِ وري قينين تي نظر ڪيائين، ۽ مثال طور پنهنجي ڳالهہ شروع ڪري چوڻ لڳو تہ: تنهنجي رهڻ جي جاءِ مضبوط آهي، ۽ تنهنجو آکيرو ٽڪر تي بنايو ويو آهي.


تنهنڪري ڪوڙ کي ڇڏي اوهان مان سڀڪو پنهنجي پاڙيسريءَ سان سچ ڳالهائي: ڇالاءِ جو اسين پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا عضوا آهيون.


۽ موسيٰ جي سالي قينيءَ جا پٽ، کجورين واري شهر مان، بني يهوداہ سان گڏجي، يهوداہ جي بيابان ۾ ويا، جو عراد جي ڏکڻ ۾ آهي؛ ۽ هو وڃي انهن ماڻهن سان گڏ رهڻ لڳا.


هاڻي حبر قيني پاڻ کي قينين کان ڌار ڪيو هو، يعني موسيٰ جي سالي حباب جي پٽن کان: ۽ ضعننيم، جو قادس جي پاسي ۾ آهي، تنهن ۾ وڃي، شاهہ بلوط وٽ پنهنجو تنبو هنيو هئائين.


حبر قينيءَ جي زال ياعيل سڀني زالن مان برڪت واري ٿيندي.


۽ سائول قينين کي چيو تہ وڃو، روانا ٿيو، ۽ عماليقين منجهان نڪري هيٺ وڃو، تہ متان آءٌ اوهان کي بہ هنن سان گڏ تباهہ ڪري ڇڏيان: ڇالاءِ جو اوهان بني اسرائيل کي سندن مصر مان نڪرڻ وقت مهرباني ڏيکاري. انهي طرح قيني عماليقين مان نڪري هليا ويا.


تڏهن دائود اخيملڪ ڪاهن کي چيو تہ بادشاهہ مون تي هڪڙو ڪم رکيو آهي ۽ مون کي چيو اٿس تہ جنهن ڪم جي پٺيان آءٌ توکي موڪليان ٿو، ۽ جيڪو حڪم مون توکي ڏنو آهي، سو ٻئي ڪنهن کي متان ٻڌائين: ۽ جوان ماڻهن کي مون ٻئي پاسي مقرر ڪري ويهاريو آهي.


پر سائول وٽ هڪڙو قاصد آيو، جنهن اچي چيس تہ جلدي ڪري هل؛ ڇالاءِ جو فلستين ملڪ تي ڪاهہ ڪئي آهي.


۽ دائود ڪنهن بہ مرد يا زال کي جيئرو ڇڏي جات ۾ ڪين آڻيندو هو، تہ متان هو سندس نسبت ۾ وڃي خبر ڏئي تہ دائود هيئن ڪ هيئن ڪيو، ۽ جيڪو وقت هو فلستين ۾ رهيو تنهن ۾ هن جي هلت اهڙي رهي.


تڏهن دائود اڪيس کي چيو تہ مون ڇا ڪيو آهي؟ ۽ جيترو وقت آءٌ تو وٽ رهيو آهيان، اوتري وقت ۾ اڄ ڏينهن تائين تو پنهنجي ٻانهي ۾ ڇا ڏٺو آهي، جنهنڪري آءٌ پنهنجي ڌڻي بادشاهہ جي دشمنن سان نہ وڃي وڙهان؟


۽ رڪل ۾، ۽ يرحمئيلين جي شهرن ۾، ۽ قينين جي شهرن ۾،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ