Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 26:8 - Sindhi Bible

8 تڏهن ابيشيءَ دائود کي چيو تہ خدا اڄ تنهنجو دشمن تنهنجي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيو آهي، تنهنڪري هاڻي ڀلائي ڪري مون کي ڇڏ تہ آءٌ هن کي نيزي جي هڪڙي ئي ڌڪ سان ماري زمين ۾ ونڌي وجهان، ۽ ٻيو ڀيرو ڌڪ نہ هڻندوسانس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 تڏهن ابي‌شيءَ دائود کي چيو تہ ”خدا اڄ تنهنجو دشمن تنهنجي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي، تنهنڪري مون کي اجازت ڏي تہ آءٌ سندس ئي نيزي جي هڪڙي ئي ڌڪ سان کيس ڌرتيءَ ۾ ٽُنبي ڇڏيان. آءٌ ٻيو ڀيرو ڌڪ نہ هڻندوسانس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 26:8
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ابيشيءَ بن ضروياہ بادشاهہ کي چيو تہ هي مُئل ڪتو ڇو ٿو منهنجي ڌڻي بادشاهہ تي لعنت وجهي؟ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ مون کي ڇڏ تہ وڃي هن جي سسي لاهيان.


تو مون کي دشمن جي هٿ ۾ قيدي نہ ڇڏيو آهي؛ تو منهنجا پير ڪشاديءَ جاءِ تي رکيا آهن.


تڏهن يوحنان بن قريحہ، مصفاہ ۾ جدلياہ کي لڪائي چيو تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃان ۽ اسماعيل بن نتنياہ کي قتل ڪريان، ۽ ڪنهن ماڻهو کي انهي جي خبر نہ پوندي: ڇو هو تنهنجو ساهہ وٺي، جنهن ڪري سڀ يهودي جي تو وٽ گڏ ٿيا آهن، سي ٽڙي پکڙي وڃن ۽ يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو ناس ٿي وڃن؟


اوهين خداوند جي برخلاف ڪهڙا خيال ٿا ڪريو؟ هو بلڪل چٽ ڪري ڇڏيندو، اهڙو جو وري مصيبت نہ اُٿندي.


ڇالاءِ جو خدا سڀني کي نافرمانيءَ ۾ گرفتار ٿيڻ ڏنو، تہ هو سڀني تي رحم ڪري.


جيڪڏهن انهن جو ٽڪر کين وڪڻي نہ ڇڏي ها، ۽ خداوند انهن کي حوالي نہ ڪرائي ها، تہ ڪيئن هڪڙو ڄڻو هزار جي پٺيان پوي ها، ۽ ٻہ ڄڻا ڏهن هزارن کي ڀڄائي ڪڍن ها؟


۽ خداوند هنن کي چوڌاري آرام ڏنو، جيئن سندن ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هئائين: ۽ سندن سڀني دشمنن مان هڪڙو ماڻهو بہ سندن اڳيان نہ بيهي سگهيو؛ خداوند سڀني دشمنن کي سندن حوالي ڪيو.


۽ يهوداہ چڙهي ويو، ۽ خداوند ڪنعاني ۽ فرزي هن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيا: ۽ هنن انهن مان ڏهہ هزار ماڻهو بزق ۾ ماريا.


۽ دائود بيابان ۾ مضبوط قلعن ۾ رهڻ لڳو ۽ زيف جي بيابان واري ڪوهستان ۾ رهي پيو. ۽ سائول ڏهاڙي هن جي ڳولا پئي ڪئي، پر خدا کيس سندس هٿن ۾ نہ ڏنو.


۽ دائود جي ماڻهن کيس چيو تہ ڏس، جنهن ڏينهن بابت خداوند توکي فرمايو هو، تہ آءٌ تنهنجو دشمن تنهنجن هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس، پوءِ توکي جيئن مناسب نظر اچي تيئن ساڻس ڪجانءِ، اهو ڏينهن اڄوڪو آهي. سو دائود اُٿيو ۽ چوريءَ سائول جي چوغي جو دامن ڪپي کڻي ويو.


۽ پوءِ هيئن ٿيو تہ دائود جي دل هن کي چڪ هڻڻ لڳي، ڇاڪاڻ تہ هن سائول جي چوغي جي دامن ڪپي ڇڏي هئي.


۽ خداوند پاڻهي ئي سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي سچائي ۽ ايمانداريءَ جو بدلو ڏيندو: ڇالاءِ جو خداوند اڄ توکي منهنجن هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو هو، پر مون خداوند جي مسح ڪيل تي پنهنجو هٿ ڊگهو ڪرڻ نہ گهريو.


پوءِ دائود ۽ ابيشيءَ رات جو اُنهن ماڻهن ۾ آيا: ۽ ڏسو، اُنهي مهل سائول گاڏين جي حد اندر ستو پيو هو، ۽ سندس نيزو سندس سيرانديءَ کان زمين ۾ کُتو پيو هو: ۽ ابنير ۽ لشڪر سندس چوڌاري ستو پيو هو.


۽ دائود ابيشيءَ کي چيو تہ هن کي نہ مار: ڇالاءِ جو ڪير پنهنجو هٿ خداوند جي مسح ٿيل تي ڊگهيريندو ۽ بي گناهہ رهندو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ