Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 26:7 - Sindhi Bible

7 پوءِ دائود ۽ ابيشيءَ رات جو اُنهن ماڻهن ۾ آيا: ۽ ڏسو، اُنهي مهل سائول گاڏين جي حد اندر ستو پيو هو، ۽ سندس نيزو سندس سيرانديءَ کان زمين ۾ کُتو پيو هو: ۽ ابنير ۽ لشڪر سندس چوڌاري ستو پيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 سو انهيءَ رات دائود ۽ ابي‌شي سائول جي خيمي‌گاهہ ۾ داخل ٿيا ۽ ڏٺائون تہ سائول خيمي اندر ستو پيو هو. سندس نيزو سندس سيرانديءَ کان زمين ۾ کتو پيو هو. ابنير ۽ لشڪر جا ٻيا ماڻهو سندس چوڌاري ستا پيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 26:7
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي تون اهو حڪم ڏي تہ هو پنهنجين زالن ۽ ٻارن لاءِ مصر جي ملڪ مان گاڏيون وٺي وڃن، ۽ پنهنجي پيءُ کي هيڏانهن وٺي اچن.


۽ دائود صبح جو سوير اُٿيو ۽ رڍون هڪڙي نگهبان جي حوالي ڪري، جيئن يسيءَ حڪم ڏنو هوس تيئن اُهي شيون کڻي هليو ويو؛ ۽ هو گاڏين جي جاءِ تي پهتو، ۽ انهي مهل جيڪو جيڪو لشڪر وڙهڻ لاءِ ٿي ويو، تنهن جنگ جي لاءِ نعرو ٿي هنيو.


تڏهن دائود اخيملڪ حتيءَ ۽ يوآب جي ڀاءُ، ضروياہ جي پٽ ابيشيءَ کي چيو، تہ مون سان ڪير گڏجي سائول وٽ لشڪرگاهہ ۾ لهي هلندو؟ تڏهن ابيشيءَ چيو تہ آءٌ توسان گڏجي هلندس.


تڏهن ابيشيءَ دائود کي چيو تہ خدا اڄ تنهنجو دشمن تنهنجي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيو آهي، تنهنڪري هاڻي ڀلائي ڪري مون کي ڇڏ تہ آءٌ هن کي نيزي جي هڪڙي ئي ڌڪ سان ماري زمين ۾ ونڌي وجهان، ۽ ٻيو ڀيرو ڌڪ نہ هڻندوسانس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ