Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 26:6 - Sindhi Bible

6 تڏهن دائود اخيملڪ حتيءَ ۽ يوآب جي ڀاءُ، ضروياہ جي پٽ ابيشيءَ کي چيو، تہ مون سان ڪير گڏجي سائول وٽ لشڪرگاهہ ۾ لهي هلندو؟ تڏهن ابيشيءَ چيو تہ آءٌ توسان گڏجي هلندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 تڏهن اخيملڪ حتيءَ ۽ يوآب جي ڀاءُ ابي‌شيءَ جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي، تن ٻنهي کان دائود پڇيو تہ ”سائول جي خيمي‌گاهہ ۾ مون سان گڏجي ڪير هلندو؟“ تنهن تي ابي‌شيءَ ورندي ڏنس تہ ”آءٌ توهان سان گڏجي هلندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 26:6
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪنعان کي پهريون پٽ صيدون ڄائو ۽ پوءِ حت؛


پوءِ ابرهام پنهنجي مردي وٽان اٿي، حت جي پٽن کي چيو تہ


جڏهن عيسو چاليهن ورهين جو ٿيو، تڏهن بيري حتيءَ جي ڌيءَ يهودٿا، ۽ ايوان حتيءَ جي ڌيءَ بشامٿا سان شادي ڪيائين.


يربست جي پٽ ابيملڪ کي ڪنهن ماريو؟ هن تي هڪڙيءَ زال ڀت تان جنڊ جو مٿيون پڙ ڪين اُڇلائي وڌو هو ڇا جنهنڪري هو تيبض ۾ مري ويو؟ ڇو اوهين ڀت کي اهڙا ويجها ويا؟ تڏهن تون چئجانءِ تہ تنهنجو نوڪر اورياہ حتي بہ مارجي ويو آهي.


۽ تير اندازن ڀت جي مٿان تنهنجن نوڪرن تي تير هنيا؛ ۽ بادشاهہ جا ڪي نوڪر مري ويا، ۽ تنهنجو نوڪر اورياہ حتي بہ مري ويو.


۽ دائود يوآب ڏي چوائي موڪليو تہ اورياہ حتيءَ کي مون وٽ ڏياري موڪل. ۽ يوآب اورياہ کي دائود ڏي ڏياري موڪليو.


تڏهن ڇالاءِ تو خداوند جي ڪلام جي حقارت ڪئي آهي، ۽ جيڪي خدا جي نظر ۾ بڇڙو آهي سو ڪيو اٿئي؟ تو اورياہ حتيءَ کي ترار سان ماريو آهي، ۽ هن جي زال کي پنهنجي زال ڪيو اٿئي، ۽ هن کي بني عمون جي ترار سان قتل ڪرايو اٿئي.


۽ بادشاهہ يوآب، ۽ ابيشيءَ، ۽ اِتيءَ کي حڪم ڏيئي چيو تہ منهنجي خاطر انهيءَ جوان ماڻهوءَ سان، يعني ابي سلوم سان مروت جي هلت ڪجو. ۽ ابي سلوم جي نسبت ۾ جڏهن بادشاهہ سڀني سردارن کي فهمائش ڏني، تڏهن سڀني ماڻهن ٻڌو.


۽ ضروياہ جو پٽ يوآب، ۽ دائود جا نوڪر نڪري ويا، ۽ جبعون جي ڍنڍ وٽ وڃي هنن کي گڏيا، ۽ هو ٻئي اُتي ويهي رهيا، هڪڙو ڍنڍ جي هڪڙي پاسي ۽ ٻيو ڍنڍ جي ٻئي پاسي.


۽ ضروياہ جا ٽي پٽ يوآب، ۽ ابيشي، ۽ عساهيل اتي هئا: ۽ عساهيل پيرن جو اهڙو ڇوهو هو جهڙو جهنگلي هرڻ.


۽ انهن ٽنهي مان مکيہ ابيشي يوآب جو ڀاءُ، ضروياہ جو پٽ هو. ۽ انهيءَ پنهنجو نيزو کڻي ٽن سوَن ماڻهن تي ڪاهہ ڪئي، ۽ انهن کي ڪُٺائين، ۽ انهن ٽن مان نالي وارو ٿيو.


اليفلط بن احسبي، جو معڪاتيءَ جو پٽ هو، الي عام بن اخيتفل جلوني؛


اورياہ حتي؛ اهي سڀ ستٽيهہ ڄڻا هئا.


۽ هڪ رٿ مصر مان چانديءَ جي ڇهہ سؤ شيڪلن ڏيڻ تي ايندو هو، ۽ هڪڙو گهوڙو ڏيڍ سؤ شيڪلن تي: ۽ انهيءَ طرح سڀني حتين جي بادشاهن، ۽ ارام جي بادشاهن لاءِ بہ، اُنهن جي ئي هٿان اُهي ايندا هئا.


ڇالاءِ جو خداوند جي قدرت سان ارامين جي لشڪر رٿن جو آواز، ۽ گهوڙن جو آواز، مطلب تہ هڪڙي وڏي لشڪر جو آواز ٻڌو هو: ۽ هنن هڪ ٻئي کي چيو تہ ڏسو، اسرائيل جي بادشاهہ حتين جي بادشاهن، ۽ مصرين جي بادشاهن کي ڀاڙي ڪيو آهي، تہ اسان سان وڙهن.


۽ يشوع چيو تہ انهي ڪري اوهان کي خبر پوندي تہ زندہ خدا اوهان جي وچ ۾ موجود آهي، ۽ هو ضرور ڪنعانين، ۽ حتين، ۽ حوين، ۽ فرزين، ۽ جرجاسين، ۽ امورين، ۽ يبوسين کي اوهان جي اڳيان هڪالي ڪڍندو.


پوءِ دائود ۽ ابيشيءَ رات جو اُنهن ماڻهن ۾ آيا: ۽ ڏسو، اُنهي مهل سائول گاڏين جي حد اندر ستو پيو هو، ۽ سندس نيزو سندس سيرانديءَ کان زمين ۾ کُتو پيو هو: ۽ ابنير ۽ لشڪر سندس چوڌاري ستو پيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ