4 تڏهن دائود جاسوس موڪلي خاطري ڪئي تہ سائول برابر آيو آهي يا نہ.
4 تڏهن هن جاسوس موڪلي خاطري ڪئي تہ سائول برابر آيو آهي.
ڏسو آئون اوهان کي رڍن وانگر بگهڙن منجهہ ٿو موڪليان، تنهنڪري اوهين سپن وانگر سياڻا، ۽ ڪبوترن وانگر غريب ٿجو.
پوءِ يشوع بن نون، شطيم ڏانهن ٻہ ماڻهو موڪليا تہ ڳجهيءَ طرح جاسوسي ڪري اچن، ۽ چيائين تہ اوهين وڃي اهو ملڪ يعني يريحو ڏسي اچو. تڏهن هو ويا ۽ هڪڙي ڪسبياڻيءَ جي گهر وڃي ٽڪيا، جنهن جو نالو راحب هو.
۽ سائول حڪيلہ جي ٽڪر تي وڃي تنبو هنيا، جو رستي سان بيابان جي اڳيان آهي: پر دائود بيابان ۾ رهيو پيو هو، ۽ جڏهن ڏٺائين تہ سائول سندس پٺيان بيابان ۾ آيو آهي،
۽ دائود اُٿيو، ۽ اُنهي هنڌ آيو جتي سائول جا تنبو لڳل هئا، ۽ دائود اُها جاءِ ڏٺي جتي سائول، ۽ سندس سپهہ سالار ابنير بن نير لٿل هئا: ۽ سائول گاڏين جي حد اندر سمهيو پيو هو، ۽ ماڻهو سندس چوڌاري تنبو هڻي لٿا پيا هئا.