Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 26:24 - Sindhi Bible

24 ڏس، جيئن اڄ تنهنجي حياتي منهنجي نظر ۾ قيمتي هئي، تيئن ڀلي منهنجي حياتي بہ خداوند جي نظر ۾ قيمتي هجي، ۽ اُهو مون کي سڀني تڪليفن کان بچائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 اڄ جهڙيءَ طرح توهان جي حياتي منهنجي نظر ۾ قيمتي هئي، تهڙيءَ طرح شل منهنجي حياتي بہ خداوند جي نظر ۾ قيمتي هجي ۽ شل هو مون کي سڀني تڪليفن کان بچائي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 26:24
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اهو فرشتو جنهن مون کي سڀني بڇڙاين کان بچايو آهي، سو شل هنن ڇوڪرن کي برڪت ڏئي، ۽ شل هي منهنجي، ۽ منهنجي ابي ڏاڏي ابرهام، ۽ اضحاق، جي نالي سڏجن؛ شل هو ڌرتيءَ جي وچ ۾ وڌي راڄ ٿين.


۽ دائود رمون بيروتيءَ جي پٽن ريڪاب ۽ سندس ڀاءُ بعنہ کي چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، جنهن منهنجي روح کي سڀني مصيبتن کان بچايو آهي،


هو مون تي ٻاجهہ ڪندڙ ۽ منهنجو قلعو آهي، هو منهنجو اوچو ٺلهہ ۽ منهنجو نجات ڏيندڙ آهي: هو منهنجي ڍال آهي، انهي تي ئي منهنجو ڀروسو آهي؛ هو منهنجن ماڻهن کي منهنجي تابع ٿو ڪري.


اي خداوند، منهنجي طاقت، آءٌ توکي پيار ٿو ڪريان.


رحم ڪندڙ سان تون رحيم آهين: ۽ ڪامل انسان سان تون ڪامل آهين.


هو مونکي منهنجي دشمنن کان ڇڏائي ٿو، هائو جيڪي منهنجي برخلاف کڙا ٿا ٿين تن تي تون مون کي سرفراز ٿو ڪرين: تون ئي مون کي ظالم کان ڇوٽڪارو ٿو ڏين.


هو انهي جي سڀني هڏين کي سنڀالي ٿو: تہ متان انهن مان ڪا ڀڄي نہ پوي.


ڇالاءِ جو هن مون کي سڀني ڏکن کان ڇڏايو آهي؛ ۽ منهنجين اکين منهنجيءَ خواهش موجب پنهنجي دشمنن جو حال ڏٺو آهي.


مبارڪ آهن اُهي جي رحم دل آهن، ڇالاءِ جو اُنهن تي رحم ٿيندو.


ڇالاءِ جو جهڙيءَ طرح اوهين عيب جوئي ڪندا، تهڙيءَ طرح اوهان جي بہ عيب جوئي ٿيندي. ۽ جنهن ماپ سان اوهين مئي ڏيندا، تنهن سان اوهان کي بہ مئي ملندو.


۽ شاگردن جي دلين کي مضبوط ڪندا رهيا، ۽ ايمان تي قائم رهڻ لاءِ سمجهائيندا رهيا، ۽ چوندا هئا تہ ضرور آهي تہ اسين گهڻيون مصيبتون سهي خدا جي بادشاهت ۾ داخل ٿيون.


۽ اسين ڏنگن ۽ خراب ماڻهن کان ڇُٽي پئون، ڇالاءِ جو سڀني ۾ ايمان ڪونهي.


۽ مون هن کي چيو تہ اي منهنجا سائين، تون ئي ٿو ڄاڻين. ۽ هن مون کي چيو تہ هي اُهي آهن، جي انهيءَ وڏيءَ مصيبت مان نڪري آيا آهن، ۽ انهن پنهنجا ڪپڙا ڌوتا ۽ گهيٽي جي رت ۾ اڇا ڪيا آهن.


تڏهن فلستين جا امير نڪري ٻاهر آيا: ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ڪڏهن هو نڪري ايندا هئا، تڏهن دائود سائول جي ٻين سڀني نوڪرن کان وڌيڪ سياڻپ سان هلندو هو؛ جنهنڪري هن جو نالو معظم ٿي ويو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن دائود سائول کي ايترو چئي بس ڪيو، تڏهن سائول چيو تہ اي منهنجا پٽ دائود، اهو آواز تنهنجو آهي ڇا؟ پوءِ سائول رڙيون ڪري روئڻ لڳو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ