Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 26:23 - Sindhi Bible

23 ۽ خداوند پاڻهي ئي سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي سچائي ۽ ايمانداريءَ جو بدلو ڏيندو: ڇالاءِ جو خداوند اڄ توکي منهنجن هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو هو، پر مون خداوند جي مسح ڪيل تي پنهنجو هٿ ڊگهو ڪرڻ نہ گهريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 خداوند پاڻيهي سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ جو بدلو ڏيندو. خداوند اڄ تو کي منهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو هو، پر خداوند جي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ تي مون پنهنجو هٿ کڻڻ نہ گھريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 26:23
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند مون کي منهنجي سچائيءَ موجب انعام ڏنو: هن منهنجن هٿن جي پاڪيزگيءَ موجب مون کي بدلو ڏنو.


تنهنڪري خداوند منهنجي سچائيءَ موجب مون کي عيوضو ڏنو آهي؛ ۽ سندس اڳيان ڪيل پاڪيزگيءَ موجب مون کي عيوضو ڏنو اٿس.


تہ تون آسمان ۾ ٻڌج، ۽ پنهنجن ٻانهن جي عدالت ڪج، ۽ شرير کي ڏوهاري ٺهرائج، سندس رستو سندس سر تي آڻج؛ ۽ سچار جي سچائي ظاهر ڪري اُنهيءَ کي سندس سچائيءَ موجب بدلو ڏج.


اي منهنجا خدا، انهيءَ جي ڳالهہ جي نسبت ۾ مون کي ياد ڪج ۽ جيڪي چڱا ڪم مون پنهنجي خدا جي گهر لاءِ ۽ اُن جي رسمن راهن پورين ڪرڻ لاءِ ڪيا، سي ميٽي نہ ڇڏج.


ڇالاءِ جو هو هر ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي عمل موافق بدلو ٿو ڏئي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس ڪمن جو نتيجو ٿو رسائي.


اي خداوند رحم بہ تنهنجي اختيار آهي: ڇالاءِ جو تون هر ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس ڪمن موجب بدلو ٿو ڏين.


۽ اي منهنجا پيءُ، ڏس، هائو ڏس، تہ تنهنجي قبا جي دامن منهنجي هٿ ۾ آهي: ڇالاءِ جو جڏهن مون تنهنجي قبا جي دامن وڍي، ۽ توکي ماريم ڪين، تڏهن تون ڄاڻ ۽ ڏس تہ منهنجي هٿ ۾ بدي يا برائي ڪانهي، ۽ مون تنهنجي حق ۾ گناهہ ڪونہ ڪيو، جيتوڻيڪ تون منهنجي جان وٺڻ لاءِ منهنجي پٺيان پيو هئين.


خداوند منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ انصاف ڪري، ۽ خداوند منهنجو توکان وير وٺي: پر منهنجو هٿ توتي نہ پوندو.


۽ تو اڄ ظاهر ڪري ڏيکاريو آهي تہ ڪيئن تو مون سان چڱو سلوڪ ڪيو آهي، ڇالاءِ جو جڏهن خداوند مون کي تنهنجن هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو، تڏهن تو مون کي ماري نہ وڌو.


ڇالاءِ جو جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجو دشمن هٿ اچي تہ جيڪر اهو هن کي سلامت ڇڏي ڏئي ڇا؟ تنهنڪري شل خداوند توکي انهي چڱائي جو چڱو عيوض ڏئي، جا تو اڄوڪي ڏينهن مون سان ڪئي آهي.


خداوند ائين نہ ڪري تہ آءٌ خداوند جي مسح ٿيل تي پنهنجو هٿ ڊگهيريان: پر هاڻي آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ جيڪو نيزو سندس سيرانديءَ کان کُتل آهي سو، ۽ پاڻي جي صراحي کڻي اچ تہ هليا هلون.


۽ دائود ورندي ڏيئي چيو تہ اي بادشاهہ، هي نيزو ڏس، جوان ماڻهن مان هڪڙي کي موڪل تہ کڻي وڃي.


۽ دائود ابيشيءَ کي چيو تہ هن کي نہ مار: ڇالاءِ جو ڪير پنهنجو هٿ خداوند جي مسح ٿيل تي ڊگهيريندو ۽ بي گناهہ رهندو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ