Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 26:21 - Sindhi Bible

21 تڏهن سائول چيو تہ مون گناهہ ڪيو آهي: اي منهنجا پٽ دائود، تون موٽي اچ: ڇالاءِ جو آءٌ توکي اڳتي نقصان ڪونہ رسائيندس، جو اڄ منهنجي حياتي تنهنجي نظر ۾ قيمتي هئي: ڏس، مون بيوَقوفي ڪئي آهي، ۽ ڏاڍي غلطي ڪئي اٿم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 تڏهن سائول وراڻيو تہ ”مون گناهہ ڪيو آهي. اي منهنجا پٽ دائود! موٽي اچ. آءٌ تو کي اڳتي ڪڏهن بہ ڪو نقصان نہ پهچائيندس، ڇو تہ اڄوڪي ڏينهن تو منهنجي حياتيءَ کي قيمتي سمجھي مون کي جيئدان ڏنو آهي. بيشڪ مون بي‌وقوفيءَ جو ڪم ڪيو آهي ۽ ڏاڍي غلطي ڪئي اٿم.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 26:21
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ وري هن ٽئين پنجاهن واري سردار کي پنجاهہ ماڻهن سان موڪليو. ۽ ٽيون پنجاهن وارو سردار مٿي چڙهيو ۽ اچي ايلياہ جي اڳيان گوڏا کوڙي ويٺو، ۽ نيزاري ڪري هن کي چيائين، تہ اي خدا جا مرد، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ من منهنجي حياتي ۽ هنن تنهنجن پنجاهہ ٻانهن جي حياتي تنهنجي نظر ۾ قدر واري ٿئي.


ڏس، آسمان مان باهہ لهي آئي، ۽ انهن اڳين ٻنهي پنجاهن وارن سردارن کي سندن پنجاهن ماڻهن سوڌو ساڙي ويئي: پر هاڻي من منهنجي حياتي تنهنجي نظر ۾ قدر واري ٿئي.


خداوند جي نظر ۾ سندس مقدسن جو موت تمام قيمتي آهي.


(ڇالاءِ جو ان جي جان جو صدقو مهانگو آهي، ۽ ڪڏهن بہ ڏنو نہ ويندو:)


هو انهن جي جان ظلم ۽ زبردستيءَ کان بچائيندو؛ انهن جو رت سندس نظر ۾ قيمتي ٿيندو:


تڏهن فرعون ماڻهو موڪلي موسيٰ ۽ هارون کي گهرايو، ۽ چيائين تہ هن ڀيري مون برابر گناهہ ڪيو آهي؛ خداوند راستباز آهي، ۽ آءٌ ۽ منهنجا ماڻهو گنهگار آهيون.


تڏهن بلعام خداوند جي فرشتي کي چيو، تہ مون گناهہ ڪيو آهي؛ ڇالاءِ جو مون کي خبر ڪانہ هئي تہ تون منهنجيءَ مخالفت ۾ رستي تي بيٺو آهين: سو هاڻي، جيڪڏهن تون خوش نہ هجين تہ آءٌ موٽي ويندس.


۽ چوڻ لڳو، تہ مون گناهہ ڪيو آهي، جو بي ڏوهيءَ کي جهلايو اٿم. پر هنن چيس تہ انهي ۾ اسان جو ڇا؟ تون ڄاڻ، تنهنجو ڪم ڄاڻي.


۽ سموئيل سائول کي چيو تہ تو بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي: تو خداوند پنهنجي خدا جي ڏنل حڪم تي پوري تعميل نہ ڪئي آهي: ڇالاءِ جو هاڻي خداوند تنهنجي بادشاهي اسرائيل تي هميشہ لاءِ قائم ڪرڻ وارو هو.


۽ سائول سموئيل کي چيو تہ مون گناهہ ڪيو آهي: ڇالاءِ جو مون خداوند جي حڪم کان، ۽ تنهنجي چوڻ کان ٻاهر وک وڌي آهي: ڇالاءِ جو آءٌ ماڻهن کان ڊنس، ۽ انهن جي ڳالهہ مڃيم.


تڏهن هن چيو تہ مون گناهہ ڪيو آهي: انهي هوندي بہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجي قوم جي بزرگن جي اڳيان، ۽ اسرائيل جي اڳيان، منهنجي آبرو رک؛ ۽ مون سان گڏجي موٽي هل تہ آءٌ خداوند، تنهنجي خدا کي سجدو ڪريان.


تڏهن فلستين جا امير نڪري ٻاهر آيا: ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ڪڏهن هو نڪري ايندا هئا، تڏهن دائود سائول جي ٻين سڀني نوڪرن کان وڌيڪ سياڻپ سان هلندو هو؛ جنهنڪري هن جو نالو معظم ٿي ويو.


۽ هن دائود کي چيو تہ تون مون کان وڌيڪ راستباز آهين: ڇالاءِ جو تو مون سان چڱائي ڪئي آهي، پر مون توسان برائي ڪئي آهي.


۽ دائود ورندي ڏيئي چيو تہ اي بادشاهہ، هي نيزو ڏس، جوان ماڻهن مان هڪڙي کي موڪل تہ کڻي وڃي.


ڏس، جيئن اڄ تنهنجي حياتي منهنجي نظر ۾ قيمتي هئي، تيئن ڀلي منهنجي حياتي بہ خداوند جي نظر ۾ قيمتي هجي، ۽ اُهو مون کي سڀني تڪليفن کان بچائي.


۽ سائول کي ٻڌايائون تہ دائود ڀڄي جات ڏي ويو آهي: ۽ هن وري انهي جي ڳولا نہ ڪئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ