Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 26:20 - Sindhi Bible

20 تنهنڪري هاڻي ائين نہ ٿئي تہ منهنجو رت خداوند جي حضور کان پري زمين تي ڪري: ڇالاءِ جو اسرائيل جو بادشاهہ هڪڙي ڪارڙي جي ڳولا ۾ نڪتو آهي، ۽ ڄڻ تہ ڪو ماڻهو هڪڙي تتر جي شڪار لاءِ جبل تي آيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 سو هاڻي ائين نہ ٿئي تہ منهنجو رت خداوند جي حضور کان پري زمين تي وهايو وڃي. ڇو بني اسرائيل جو بادشاهہ مون جيتامڙي کي مارڻ لاءِ ائين نڪتو آهي، جيئن ڪو ماڻهو جبلن ۾ تترن جي شڪار لاءِ نڪرندو آهي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 26:20
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏس، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ گهڻن مهاڻن کي گهرائيندس، ۽ هو انهن کي ڦاسائيندا؛ ۽ پوءِ آءٌ گهڻا شڪاري گهرائيندس، ۽ اُهي سڀ ڪنهن جبل تان، ۽ سڀ ڪنهن ٽڪريءَ ۽ ٽڪرن جي چرن مان انهن کي هڪالي شڪار ڪندا.


جيڪي بي سبب منهنجا دشمن آهن، سي پکيءَ وانگر منهنجي پٺيان ڪاهي پيا آهن.


۽ اڃا هن ڳالهايو ئي پئي تہ ڏسو، يهوداهہ جو هنن ٻارهن مان هڪڙو هو سو آيو، ۽ ساڻس هڪڙي وڏي جماعت ترارين ۽ لٺين سان هئي، جنهن کي سردار ڪاهنن ۽ ماڻهن جي بزرگن موڪليو هو.


اوڏيءَ مهل يسوع ميڙاڪن کي چوڻ لڳو تہ جيئن ڪنهن ڌاڙيل تي ڪاهي اچبو آهي، تيئن اوهين بہ مون کي جهلڻ لاءِ تراريون ۽ لٺيون کڻي آيا آهيو ڇا؟ آئون هر روز هيڪل ۾ ويهي تعليم ڏيندو هوس، ۽ اوهان مون کي ڪين پڪڙيو،


هو پنهنجي ٻانهن جا پير سنڀاليندو، پر شرير کي هو اونداهيءَ ۾ ماٺ ڪرائيندو؛ ڇالاءِ جو پنهنجي زور جي ڪري ڪوبہ انسان غالب نہ ٿيندو.


۽ اي منهنجا پيءُ، ڏس، هائو ڏس، تہ تنهنجي قبا جي دامن منهنجي هٿ ۾ آهي: ڇالاءِ جو جڏهن مون تنهنجي قبا جي دامن وڍي، ۽ توکي ماريم ڪين، تڏهن تون ڄاڻ ۽ ڏس تہ منهنجي هٿ ۾ بدي يا برائي ڪانهي، ۽ مون تنهنجي حق ۾ گناهہ ڪونہ ڪيو، جيتوڻيڪ تون منهنجي جان وٺڻ لاءِ منهنجي پٺيان پيو هئين.


اسرائيل جو بادشاهہ ڪنهن جي پٺيان نڪري آيو آهي؟ تون ڪنهن جي پٺيان پيو آهين؟ هڪڙي مئل ڪتي جي پٺيان؛ هڪڙي ڪارڙي جي پٺيان؟


تنهنڪري ڀلي تہ خداوند منصف ٿئي، ۽ منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ فيصلو ڪري ۽ ڏسي، ۽ منهنجي طرفان بچاءُ ڏئي، ۽ مون کي تنهنجي هٿان ڇڏائي.


۽ جيتوڻيڪ ڪو شخص اُتي تنهنجي پٺيان کڻي پوي، ۽ تنهنجي ساهہ جو ڳولائو ٿئي، تہ بہ منهنجي ڌڻيءَ جو روح خداوند تنهنجي خدا سان حياتيءَ جي ڳنڍ ۾ ٻڌل رهندو؛ ۽ تنهنجن دشمنن جا روح پري اُڇلايا ويندا، ڄڻ تہ کانڀاڻيءَ جي پيچ مان اُڇلايا ويا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ