Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 26:16 - Sindhi Bible

16 تو اهو ڪم چڱو نہ ڪيو آهي. خداوند جيئري جو قسم آهي تہ اوهين مرڻ جي لائق آهيو، ڇالاءِ جو اوهان پنهنجي ڌڻيءَ، خداوند جي مسح ٿيل جي نگهباني نہ ڪئي آهي. ۽ هاڻي ڏسو، بادشاهہ جو نيزو توڙي پاڻيءَ جي صراحي ڪٿي آهي جا سندس سيرانديءَ کان رکي هئي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 سو تو اهو ڪم چڱو نہ ڪيو آهي. خداوند جيئري جو قسم آهي تہ اوهين سڀ موت جا حقدار آهيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان پنهنجي آقا، خداوند جي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ جي نگهباني نہ ڪئي آهي. هاڻي ڏسو، ڪٿي آهي بادشاهہ جو نيزو ۽ پاڻيءَ جي اها گھُگھي جا سندس سيرانديءَ کان رکيل هئي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 26:16
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن دائود انهيءَ ماڻهوءَ تي ڏاڍو ڪاوڙيو؛ ۽ هن ناتن کي چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي تہ جنهن ماڻهوءَ اهڙو ڪم ڪيو آهي سو مرڻ جي لائق آهي؛


ڇالاءِ جو منهنجي پيءُ جو سارو گهراڻو منهنجي ڌڻي بادشاهہ جي اڳيان ڄڻ تہ مُئل ماڻهو هئا: انهيءَ هوندي بہ تو پنهنجي ٻانهي کي انهن جي قطار ۾ داخل ڪيو جي خود تنهنجي دسترخاني تي ماني ٿا کائين. تنهنڪري ايتري ڪئي بہ مون کي ڪهڙو حق آهي تہ آءٌ بادشاهہ وٽ دانهن ڪريان؟


۽ بادشاهہ ابياتر ڪاهن کي چيو تہ تون عنتوت ڏي پنهنجين ٻنين ۾ وڃي رهہ؛ ڇالاءِ جو مرڻ جي لائق آهين: پر في الحال آءٌ توکي نہ ماريندس، ڇالاءِ جو تون منهنجي پيءُ دائود جي اڳيان خداوند خدا جي صندوق کڻندو هئين، ۽ جيڪا مصيبت منهنجي پيءُ تي پيئي هئي سا توتي بہ پيئي هئي.


تہ قيدين جون آهون ٻڌي؛ ۽ جيڪي موت جي منهن ۾ آهن تن کي ڇڏائي.


ڀلي تہ قيدين جون آهون تنهنجي حضور ۾ پهچن؛ ۽ جن تي موت جو حڪم ٿيو آهي تن کي پنهنجيءَ عظيم قدرت سان بچائي وٺ؛


انهن سان گڏ اسين سڀيئي بہ پنهنجي جسم جي خواهشن ۾ هلندا هئاسين، ۽ جسم ۽ دل جي سَڌين پورين ڪرڻ ۾ مشغول هئاسين، ۽ طبيعت جي ڪري ٻين وانگر غضب جا فرزند هئاسين:


ڇالاءِ جو جيسين يسي جو پٽ زمين تي جيئرو رهندو تيسين نڪي تون پاڻ، نڪي تنهنجي حڪومت قائم رهندي. تنهنڪري هاڻي جلد هن کي گهرائي مون تائين آڻ، ڇاڪاڻ تہ هن جو مرڻ ضرور آهي.


۽ هن پنهنجن ماڻهن کي چيو تہ خداوند شل ائين نہ ڪري تہ آءٌ پنهنجي ڌڻي، خداوند جي مسح ڪيل سان ائين ڪريان، ۽ جيڪو خداوند جو مسح ڪيل آهي تنهن جي برخلاف آءٌ پنهنجو هٿ ڊگهيريان.


خداوند ائين نہ ڪري تہ آءٌ خداوند جي مسح ٿيل تي پنهنجو هٿ ڊگهيريان: پر هاڻي آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ جيڪو نيزو سندس سيرانديءَ کان کُتل آهي سو، ۽ پاڻي جي صراحي کڻي اچ تہ هليا هلون.


۽ دائود ابنير کي چيو تہ تون بهادر مرد نہ آهين ڇا؟ اسرائيل ۾ تو جهڙو ٻيو ڪير آهي؟ تڏهن ڇالاءِ تو پنهنجي ڌڻي بادشاهہ تي برابر پهرو نہ ڏنو آهي؟ ڇالاءِ جو ماڻهن مان هڪڙو تنهنجي ڌڻي بادشاهہ کي مارڻ لاءِ گهڙي آيو.


۽ دائود ابيشيءَ کي چيو تہ هن کي نہ مار: ڇالاءِ جو ڪير پنهنجو هٿ خداوند جي مسح ٿيل تي ڊگهيريندو ۽ بي گناهہ رهندو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ