Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 26:12 - Sindhi Bible

12 پوءِ دائود اهو نيزو ۽ اُها پاڻي جي صراحي سائول جي سيرانديءَ کان کڻي ورتي؛ ۽ هو هليا ويا، ۽ کين ڪنهن بہ ڪونہ ڏٺو، نڪا ڪنهن کي خبر پيئي، نڪو ڪو جاڳيو: ڇالاءِ جو سڀ سُتا پيا هئا؛ جو خداوند وٽان گهري ننڊ اچي هنن تي پيئي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 پوءِ دائود اهو نيزو ۽ پاڻيءَ جي گھُگھي سائول جي سيرانديءَ کان کڻائي ورتي ۽ ٻيئي ڄڻا روانا ٿي ويا. کين ڪنهن بہ ڪونہ ڏٺو، نڪا ڪنهن کي خبر پيئي ۽ نہ وري ڪو جاڳيو ئي. هو سڀ ستا پيا هئا، ڇاڪاڻ تہ خداوند انهن سڀني تي گَهري ننڊ موڪلي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 26:12
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سج لهڻ مهل ابرام کي ڏاڍي ننڊ آئي ۽ ڏسو، هڪڙي هيبتناڪ اوندهہ مٿس ڇانئجي ويئي.


پوءِ خداوند خدا آدم تي گهري ننڊ موڪلي، ۽ هو سمهي پيو؛ ۽ هن سندس پاسرين مان هڪڙي پاسري ڪڍي ۽ انهيءَ جي جاءِ تي گوشت ڀريائين:


انهيءَ رات بادشاهہ کي ننڊ نہ آئي؛ ۽ هن حڪم ڏنو تہ تواريخ جا ڪتاب کڻي اچو، ۽ اُهي بادشاهہ جي اڳيان پڙهيا ويا.


ڇالاءِ جو خداوند اوهان تي گهاٽيءَ ننڊ جو روح موڪليو آهي، ۽ اوهان جون اکيون بند ڪيون اٿس: ۽ اوهان جي نبين، ۽ سردارن، ۽ غيب ڏسندڙن کي ڍڪي ڇڏيو اٿس.


۽ دائود جي ماڻهن کيس چيو تہ ڏس، جنهن ڏينهن بابت خداوند توکي فرمايو هو، تہ آءٌ تنهنجو دشمن تنهنجن هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس، پوءِ توکي جيئن مناسب نظر اچي تيئن ساڻس ڪجانءِ، اهو ڏينهن اڄوڪو آهي. سو دائود اُٿيو ۽ چوريءَ سائول جي چوغي جو دامن ڪپي کڻي ويو.


تڏهن دائود پرين پاسي لنگهي ويو، ۽ جبل جي چوٽيءَ تي وڃي بيٺو؛ سندن وچ ۾ گهڻو ويڇو هو:


پوءِ دائود ۽ ابيشيءَ رات جو اُنهن ماڻهن ۾ آيا: ۽ ڏسو، اُنهي مهل سائول گاڏين جي حد اندر ستو پيو هو، ۽ سندس نيزو سندس سيرانديءَ کان زمين ۾ کُتو پيو هو: ۽ ابنير ۽ لشڪر سندس چوڌاري ستو پيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ