Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 26:10 - Sindhi Bible

10 ۽ دائود چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، تہ خداوند پاڻ انهي کي ماري وجهندو؛ يا هن جي مرڻ جو ڏينهن اچي پهچندو؛ يا هو جنگ تي نڪرندو، ۽ مارجي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 دائود وڌيڪ چيس تہ ”خداوند جيئري جو قسم آهي تہ خداوند پاڻ ئي انهيءَ کي ماريندو. هي پنهنجي زندگيءَ جا ڏينهن پورا ڪري پاڻمرادو مري ويندو، يا جنگ ۾ ماريو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 26:10
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

نيٺ اسرائيل جي وفات جو وقت ويجهو آيو، تڏهن هن پنهنجي پٽ يوسف کي سڏي چيو تہ جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي آهي، تہ ڀلائي ڪري پنهنجو هٿ منهنجيءَ ران جي هيٺان رک، ۽ مون سان مهربانيءَ ۽ سچائيءَ جي هلت ڪج، ۽ مون کي مصر ۾ دفن نہ ڪج.


جي ڪو ماڻهو مري وڃي تہ اهو ڪو وري جيئندو ڇا؟ پنهنجي جنگ جهيڙي جا سڀ ڏينهن آءٌ منتظر رهندس، جيستائين منهنجو ڇوٽڪارو اچي.


جڏهن هن جا ڏينهن ٿورا آهن، تڏهن بہ هن جي مهينن جو شمار تو وٽ آهي، ۽ تو هن جون حدون اهڙيون ٻڌي ڇڏيون آهن جو هو اُهي لنگهي نٿو سگهي؛


ماڻهوءَ جي لاءِ زمين تي جهيڙو جهڳڙو نہ آهي ڇا؟ ۽ هن جا ڏينهن مزور جي ڏينهن جهڙا نہ آهن ڇا؟


ڇو جو ٿوري دير کان پوءِ بدڪار هوندو ئي ڪونہ: تون انهي جي جاءِ ۾ چتائي نهاريندين پر هو هوندو ئي ڪين.


خداوند اُنهي تي کلندو: ڇو جو هو ڏسي ٿو تہ انهي جو ڏينهن اچي پهتو آهي.


هن انهن کي سندن خطائن جو بدلو ڏنو، ۽ کين سندن بڇڙائيءَ ۾ تباهہ ڪندو؛ خداوند اسان جو خدا انهن کي تباهہ ڪري ڇڏيندو.


ڄمڻ جي لاءِ وقت، ۽ مرڻ جي لاءِ وقت؛ پوکڻ جي لاءِ وقت، ۽ پوکيل کي وري پٽڻ جي لاءِ وقت؛


پوءِ خدا جا چونڊيل، جي رات ڏينهن کيس پيا پڪارين، تن لاءِ هو دير ڪندو ڇا؟ بلڪ انهن جو انصاف ڪين ڪندو ڇا؟


اي عزيزو، پاڻ پنهنجو وير نہ وٺو، پر (خدا جي) غضب کي واٽ ڏيو: ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ خداوند فرمائي ٿو، تہ ”وير وٺڻ منهنجو ڪم آهي، بدلو آئون ئي ڏيندس.“


پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو، تہ ڏس تنهنجي مرڻ جا ڏينهن ويجها آيا آهن: سو تون يشوع کي سڏ ۽ اوهين جماعت واري تنبوءَ ۾ وڃي حاضر ٿيو، تہ آءٌ هن کي حڪم ڏيان. تنهن تي موسيٰ ۽ يشوع وڃي جماعت واري تنبوءَ ۾ حاضر ٿيا.


وير وٺڻ، ۽ بدلو ڏيڻ منهنجو ڪم آهي، جڏهن انهن جو پير ترڪندو؛ ڇالاءِ جو انهن جي مصيبت جو ڏينهن ويجهو آهي، ۽ جيڪي حادثا انهن تي اچڻا آهن سي جلد ايندا.


ڇالاءِ جو اسين انهي کي ڄاڻون ٿا، جنهن چيو تہ ”وير وٺڻ منهنجو ڪم آهي، بدلو آئون ئي ڏيندس.“ ۽ وري هي تہ ”خداوند پنهنجيءَ اُمت جي عدالت ڪندو.“


۽ جهڙيءَ طرح ماڻهن لاءِ هڪڙي ئي ڀيري مرڻ ۽ انهي کانپوءِ عدالت جو هئڻ مقرر ڪيل آهي؛


تنهنڪري هن جون آفتون هڪڙي ئي ڏينهن ۾ اينديون، يعني موت ۽ ماتم، ۽ ڏڪار؛ ۽ هوءَ باهہ سان ساڙي چٽ ڪئي ويندي؛ ڇالاءِ تہ خداوند خدا، جنهن هن جي عدالت ڪئي سو قادر آهي.


خداوند منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ انصاف ڪري، ۽ خداوند منهنجو توکان وير وٺي: پر منهنجو هٿ توتي نہ پوندو.


تنهنڪري ڀلي تہ خداوند منصف ٿئي، ۽ منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ فيصلو ڪري ۽ ڏسي، ۽ منهنجي طرفان بچاءُ ڏئي، ۽ مون کي تنهنجي هٿان ڇڏائي.


تنهنڪري، اي منهنجا ڌڻي، خداوند جيئري جو قسم آهي، ۽ تنهنجي جان جو قسم آهي، تہ جڏهن خداوند توکي خون جهڙي گناهہ ڪرڻ کان، ۽ پنهنجن هٿن سان وير وٺڻ کان روڪيو آهي، تڏهن هاڻي ڀلي تہ تنهنجا دشمن، ۽ جيڪي منهنجي ڌڻيءَ جي خرابي ٿا ڳولين، سي نابال جهڙا ٿين.


۽ انهي کان اٽڪل ڏهہ ڏينهن پوءِ، هيئن ٿيو تہ خداوند نابال کي ڌڪ هنيو، ۽ هو مري ويو.


۽ جڏهن دائود ٻڌو تہ نابال مري ويو آهي تڏهن چوڻ لڳو تہ خداوند برڪت وارو هجي جنهن نابال جي هٿان منهنجي پاران منهنجي حقارت جو بدلو ورتو آهي، ۽ پنهنجي ٻانهي کي خرابي ڪرڻ کان بچايو اٿس: ۽ نابال جي شرارت موٽائي خود سندس گردن تي وڌي اٿس؛ ۽ دائود ماڻهو موڪلي ابيجيل جي نالي چوائي موڪليو تہ آءٌ هن کي پنهنجي زال ڪرڻ ٿو گهران.


تڏهن سائول پنهنجي زرهہ بردار کي چيو، تہ پنهنجي ترار ڪڍ، ۽ منهنجي آرپار لنگهائي ڏي؛ تہ متان هي اڻطهريل اچن، ۽ مون کي ونڌي ڇڏين، ۽ مون کي بي عزت ڪن. پر هن جي زرهہ بردار ائين ڪرڻ نہ گهريو؛ ڇالاءِ جو هو ڏاڍو ڊنو، تنهنڪري سائول پاڻ پنهنجي ترار کنئي ۽ انهي تي ڪري پيو.


انهي طرح سائول ۽ سندس ٽيئي پٽ، ۽ سندس زرهہ بردار، ۽ سندس سڀ ماڻهو ساڳئي ڏينهن گڏ مئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ