Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 25:8 - Sindhi Bible

8 جي تون پنهنجن جوان ماڻهن کان پڇندين تہ اُهي توکي ٻڌائيندا: تنهنڪري ڀلي تہ اُهي جوان ماڻهو تنهنجي نظر ۾ مان لهن؛ ڇالاءِ جو اسين چڱي ڏينهن آيا آهيون: آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ جيڪي تنهنجي هٿ ۾ اچي سو پنهنجن ٻانهن کي، ۽ پنهنجي پٽ دائود کي ڏيئي ڇڏ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 تون انهن کان پڇندين تہ اهي تو کي ٻڌائيندا. تنهنڪري منهنجا هي نوڪر تو وٽ مان لهن، ڇو تہ اسين سٺن ڏينهن ۾ تو وٽ آيا آهيون. سو آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ جيڪي بہ تو وٽ ٿي سگھي سو پنهنجي ٻانهن ۽ مون پنهنجي پٽ دائود کي ڏيئي ڇڏ.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 25:8
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري جيڪي ڳوٺن جا يهودي بنا ڀتين شهرن ۾ ٿا رهن، سي ادار مهيني جي چوڏهين تاريخ خوشيءَ ۽ مانيءَ جي مجلس جو ڏينهن ۽ وڏو ڏينهن ڪري ملهائيندا آهن، ۽ هڪ ٻئي ڏانهن تحفا موڪليندا آهن.


جو اُهي ڏينهن آهن جن ۾ يهودين کي پنهنجن دشمنن کان آرام مليو، ۽ انهيءَ مهيني ۾ سندن لاءِ ڏک ڦري سک ٿيو، ۽ ماتم بدلجي خوشيءَ جو ڏينهن ٿيو: ۽ اهي مانيءَ جي مجلس ۽ خوشيءَ جا ڏينهن مقرر ڪن، ۽ هڪ ٻئي ڏانهن تحفا موڪلين ۽ غريبن کي بخششون ڏين.


حصو ستن کي بلڪ اٺن کي ڏي؛ ڇالاءِ جو توکي خبر ڪانهي تہ زمين تي ڪهڙي خرابي ٿيندي.


پر جيڪي اندر جو آهي سو خيرات ڪري ڇڏيو؛ تہ ڏسو، سڀ ڪجهہ اوهان لاءِ پاڪ ٿيندو.


۽ اي منهنجا پيءُ، ڏس، هائو ڏس، تہ تنهنجي قبا جي دامن منهنجي هٿ ۾ آهي: ڇالاءِ جو جڏهن مون تنهنجي قبا جي دامن وڍي، ۽ توکي ماريم ڪين، تڏهن تون ڄاڻ ۽ ڏس تہ منهنجي هٿ ۾ بدي يا برائي ڪانهي، ۽ مون تنهنجي حق ۾ گناهہ ڪونہ ڪيو، جيتوڻيڪ تون منهنجي جان وٺڻ لاءِ منهنجي پٺيان پيو هئين.


۽ جڏهن دائود جا جوان ماڻهو آيا تڏهن انهن دائود جي پاران سندس چيل سڀ ڳالهيون نابال کي ٻڌايون، ۽ پوءِ بس ڪيائون.


۽ وري بہ خداوند سڏ ڪري چيو تہ سموئيل. ۽ سموئيل اُٿي عيليءَ وٽ ويو، ۽ چيائينس تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان؛ ڇالاءِ جو تو مون کي سڏيو، تڏهن هن ورندي ڏني تہ منهنجا پٽ، مون ڪونہ سڏيو؛ وري وڃي سمهي رهہ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ