Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 25:7 - Sindhi Bible

7 ۽ هاڻي مون ٻڌو آهي تہ تو وٽ اُن ڪترڻ وارا آهن: اوهان جا ڌنار هاڻي اسان وٽ رهيا آهن، ۽ اسان اُنهن کي ايذاءُ ڪونہ رسايو، ۽ جيترو وقت هو ڪرمل ۾ هئا اوترو وقت اُنهن جي ڪابہ شيءِ گم نہ ٿي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 مون ٻڌو آهي تہ هي ڏينهن تنهنجي رڍن جي اُن ڪترڻ جا آهن. تنهنجا ڌنار اسان وٽ رهي ويا آهن ۽ اسان انهن کي ڪوبہ نقصان نہ پهچايو هو. اهي جيترو وقت بہ ڪرمل جي آس‌پاس ۾ هئا اوتري وقت تائين سندن ڪابہ شيءِ گم نہ ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 25:7
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٻن ڀرين ورهين کان پوءِ هيئن ٿيو، تہ ابي سلوم وٽ بعل حصور ۾، جو افرائيم جي پاسي ۾ آهي، اُن ڪترڻ وارا آيا: ۽ ابي سلوم بادشاهہ جي سڀني پٽن کي دعوت ڏيئي گهرايو.


۽ ابي سلوم بادشاهہ وٽ آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ هاڻي ڏس تنهنجي ٻانهي وٽ اُن ڪترڻ وارا آيا آهن؛ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ بادشاهہ ۽ سندس نوڪر پنهنجي ٻانهي سان گڏجي هلن.


۽ سپاهين پڻ پڇيس تہ ڀلا اسين ڇا ڪريون؟ تن کي چيائين، تہ ڪنهن بہ ماڻهوءَ سان زور زبردستي نہ ڪريو، نڪي ڪنهن تي ڪوڙي تهمت آڻي ناحق وٺو، ۽ پنهنجي پگهار تي راضي رهو.


تہ اوهين بي قصور ۽ بي ضرر ٿيو، ۽ انهن ڏنگن ۽ نرڄن جي زماني ۾، اوهين خدا جا بي عيب ٻار ٿي رهو، جنهن جي وچ ۾ اوهين اهڙا ٿا ڏسجو جهڙا دنيا ۾ چراغ؛


هاڻي، اي ڀائرو، جيڪي بہ ڳالهيون سچيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون اشرافت جهڙيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون انصاف جهڙيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون پاڪ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون وڻندڙ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون چڱيون آهن؛ مطلب تہ جي ڪابہ نيڪي هجي، ۽ جي ڪابہ تعريف هجي، تہ انهن تي غور ڪندا رهجو.


۽ جيڪو ڪنهن تنگيءَ ۾ هو؛ ۽ جيڪو قرضي هو، ۽ جيڪو ڏکويل هو، سي سڀ اچي وٽس گڏ ٿيا؛ ۽ هو انهن جو سردار ٿيو: انهي طرح اٽڪل چار سؤ ماڻهو ساڻس شامل ٿيا.


هاڻي دائود چيو هو تہ يقيناً جيڪي هن ڪمبخت وٽ بيابان ۾ آهي سو اجايو مون پئي سنڀاليو آهي جو هن جي ملڪيت مان ڪي بہ گم نہ ٿيو آهي: ۽ هن چڱائيءَ جي عيوض مون سان برائي ڪئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ