Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 25:34 - Sindhi Bible

34 ڇالاءِ جو يقيناً خداوند، اسرائيل جي زندہ خدا جو قسم آهي، جنهن مون کي توکي ايذاءُ رسائڻ کان روڪيو آهي، جي تون تڪڙ ڪري مون کي نہ اچي گڏجين ها تہ ضرور نابال وٽ صبح جي سوجهري ٿيڻ ڌاري هڪڙو ڇوڪر بہ نہ بچي ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 خداوند، بني اسرائيل جي جيئري خدا جو قسم آهي، جنهن تو کي نقصان رسائڻ کان مون کي روڪيو آهي، تہ جيڪڏهن تون تڪڙ ڪري مون سان اچي نہ ملين ها تہ يقيناً صبح جي سوجھري ٿيڻ تائين نابال وٽ هڪڙو ڇوڪر بہ جيئرو نہ بچي ها.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 25:34
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خدا هن کي خواب ۾ چيو تہ بيشڪ، مون کي خبر آهي تہ تو هي ڪم دل جي سچائيءَ سان ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ مون بہ توکي پنهنجي برخلاف گناهہ ڪرڻ کان روڪي ورتو، ۽ انهيءَ کي هٿ لائڻ نہ ڏنو.


تڏهن جبعون جي ماڻهن يشوع ڏي جلجال جي منزل تي چوائي موڪليو تہ تون پنهنجن ٻانهن تان هٿ نہ کڻ؛ جلد اچي اسان کي بچاءِ، ۽ اسان جي مدد ڪر: ڇالاءِ جو امورين جا سڀ بادشاهہ، جي جبلن ۾ ٿا رهن، سي اسان جي برخلاف اچي گڏ ٿيا آهن.


تنهنڪري يشوع اوچتو هنن تي ڪاهي آيو، ۽ سڄي رات جلجال مان نڪري پنڌ ڪندو ويو.


۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ سائول ماڻهن جون ٽي ٽوليون ڪيون؛ ۽ اُهي رات جي پوئين پهر ۾ لشڪرگاهہ جي وچ ۾ اچي پيون، ۽ جيسين ڏينهن گرم ٿيو تيسين عمونين کي پئي ماريائون: ۽ هيئن ٿيو تہ جيڪي باقي بچيا سي ٽڙي پکڙي ويا، ايتري قدر جو انهن مان ٻہ بہ گڏ رهجي نہ ويا.


تڏهن ابيجيل تڪڙي ٿي ٻہ سؤ مانيون، ۽ ٻہ شراب جون سانداريون، ۽ پنج رڍون پڪل ۽ تيار ٿيل، ۽ پنج ڀُڳل اَن جا ماڻ، ۽ هڪ سؤ ڪشمش جا ڇڳا، ۽ ٻہ سؤ انجيرن جون ٽڪيون کڻي گڏهن تي رکيون.


سو جيڪڏهن آءٌ صبح جي سوجهري کان اڳي جيڪي هن وٽ آهن تن مان هڪڙو ڇوڪرو ئي کڻي ڇڏيان، تہ شل خدا دائود جي دشمنن سان ائين ڪري بلڪ زيادہ.


تنهنڪري، اي منهنجا ڌڻي، خداوند جيئري جو قسم آهي، ۽ تنهنجي جان جو قسم آهي، تہ جڏهن خداوند توکي خون جهڙي گناهہ ڪرڻ کان، ۽ پنهنجن هٿن سان وير وٺڻ کان روڪيو آهي، تڏهن هاڻي ڀلي تہ تنهنجا دشمن، ۽ جيڪي منهنجي ڌڻيءَ جي خرابي ٿا ڳولين، سي نابال جهڙا ٿين.


۽ جڏهن دائود ٻڌو تہ نابال مري ويو آهي تڏهن چوڻ لڳو تہ خداوند برڪت وارو هجي جنهن نابال جي هٿان منهنجي پاران منهنجي حقارت جو بدلو ورتو آهي، ۽ پنهنجي ٻانهي کي خرابي ڪرڻ کان بچايو اٿس: ۽ نابال جي شرارت موٽائي خود سندس گردن تي وڌي اٿس؛ ۽ دائود ماڻهو موڪلي ابيجيل جي نالي چوائي موڪليو تہ آءٌ هن کي پنهنجي زال ڪرڻ ٿو گهران.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ