3 هاڻي اُنهيءَ ماڻهو جو نالو نابال هو ۽ انهي جي زال جو نالو ابيجيل هو: ۽ اُها زال چڱي سمجهہ واري ۽ خوبصورت هئي، پر اُهو ماڻهو ڄٽ، ۽ بد افعالو هو؛ ۽ اُهو ڪالب جي گهراڻي جو هو.
آءٌ منٿ ٿي ڪريان تہ منهنجو ڌڻي هن خبيث، يعني نابال ڏي خيال نہ ڏئي: ڇالاءِ جو جهڙو سندس نالو آهي، تهڙو پاڻ آهي، هن جو نالو نابال آهي، ۽ بي عقلي هن سان آهي: پر مون تنهنجي ٻانهيءَ پنهنجي ڌڻيءَ جا جوان ماڻهو نہ ڏٺا، جن کي تو موڪليو هو،