Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 25:12 - Sindhi Bible

12 تنهن تي دائود جا جوان ماڻهو پنهنجو رستو وٺي موٽي هليا ويا، ۽ اچي اهي سڀ ڳالهيون هن کي ٻڌايائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 تنهن تي دائود جا نوڪر پنهنجو رستو وٺي موٽي هليا ويا ۽ دائود وٽ پهچي کيس اهي سموريون ڳالهيون ٻڌايائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 25:12
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي اوهان جا اڳواڻ آهن، تن جا تابعدار ۽ فرمانبردار رهو: ڇالاءِ جو هو اوهانجن روحن جي فائدي لاءِ انهن وانگر سجاڳ ٿا رهن، جن کي حساب ڏيڻو پوندو؛ تان تہ هو اِهو ڪم خوشيءَ سان ڪن، نہ رنج سان، ڇالاءِ جو انهيءَ طرح اوهان کي ڪوبہ فائدو ڪونهي.


تڏهن جاد دائود کي اچي چيو تہ ڇا ڏڪار جا ست ورهيہ تنهنجي زمين ۾ اچن؟ يا جڏهن تنهنجا دشمن تنهنجي پٺيان پون تڏهن تون انهن جي اڳيان ٽي مهينا ڀڄندو رهين؟ يا تنهنجي زمين ۾ ٽن ڏينهن جي وبا پوي؟ هاڻي دل ۾ ويچار ڪري ٻڌاءِ، تہ جنهن مون کي موڪليو آهي تنهن کي ڪهڙو جواب موٽائي ڏيان.


تڏهن آءٌ پنهنجي ماني، ۽ پنهنجو پاڻي، ۽ پنهنجو گوشت جو مون پنهنجن اُن ڪترڻ وارن جي لاءِ ڪٺو ڪيو آهي سو کڻي انهن کي ڏيئي ڇڏيان ڇا، جن جي مون کي ڪابہ خبر ڪانهي تہ ڪٿان جا آهن؟


۽ دائود پنهنجن ماڻهن کي چيو تہ هرڪو ماڻهو پنهنجي ترار ٻڌي. ۽ هنن پنهنجي پنهنجي ترار ٻڌي، ۽ دائود بہ پنهنجي ترار کنئي: ۽ اٽڪل چار سو ماڻهو دائود جي پٺيان لڳا؛ ۽ ٻہ سؤ سامان وٽ رهجي ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ