Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 25:1 - Sindhi Bible

1 ۽ سموئيل وفات ڪئي، ۽ سڀ اسرائيلي اچي گڏ ٿيا، ۽ هن لاءِ ماتم ڪرڻ لڳا، ۽ هن کي رامہ ۾ سندس گهر ۾ دفن ڪيائون. ۽ دائود اُٿيو ۽ فاران جي بيابان ڏي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 سموئيل وفات ڪئي تہ سڄو بني اسرائيل اچي گڏ ٿيو ۽ هن لاءِ سوڳ ڪيائون. هنن سندس وطن رامہ شهر ۾ ئي کيس دفن ڪيو. انهن ڏينهن ۾ دائود معون جي بيابان ڏانهن روانو ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 25:1
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ حورين کي سندن جبل شعير ۾ ماريندا ماريندا ايل فاران تائين آيا، جو رڻ پٽ جي ويجهو آهي.


۽ هو فاران جي رڻ پٽ ۾ رهڻ لڳو ۽ سندس ماءُ هن جي لاءِ مصر جي ملڪ مان زال آندي.


۽ سارہ ڪنعان جي ملڪ ۾ قريت اربع، يعني حبرون ۾ وفات ڪئي ۽ ابرهام سارہ جي لاءِ ماتم ڪيو ۽ رنو.


جڏهن ڪنعان ملڪ جي ماڻهن اهو اتد جي هلر وارو ماتم ڏٺو، تڏهن چوڻ لڳا تہ هي مصرين جو سخت ماتم آهي: تنهنڪري انهيءَ هنڌ جو نالو ابيل مصرئيم پئجي ويو، جو يردن جي پرينءَ ڀر آهي.


تڏهن بناياہ بن يهويدع ڪاهي هن تي وڃي پيو ۽ هن کي قتل ڪيائين؛ ۽ هو بيابان ۾ پنهنجي گهر ۾ دفن ڪيو ويو.


۽ منسي پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو ۽ خود پنهنجي گهر جي باغ ۾، عزا جي باغ ۾ دفن ڪيو ويو: ۽ سندس پٽ امون سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.


نيٺ منسي پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو ۽ هن کي خود سندس گهر ۾ دفن ڪيائون: ۽ سندس پٽ امون سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.


مون تي افسوس جو آءٌ مسڪ ۾ ٿو گذاريان، ۽ قيدار جي تنبن ۾ ٿو رهان.


قومن جي سڀني بادشاهن مان سڀڪو پنهنجي پنهنجي گهر عزت آبرو سان سمهي ٿو.


اوهان جا ابا ڏاڏا ڪٿي آهن؟ ۽ نبي ڪو هميشہ لاءِ جيئرا آهن ڇا؟


۽ بني اسرائيل سينا جي بيابان مان ڪوچ ڪري پنهنجي سفر تي نڪتا؛ ۽ ڪڪر فاران جي بيابان ۾ اچي بيٺو.


تنهن کان پوءِ ماڻهو حصيرات مان روانا ٿيا، ۽ فاران جي بيابان ۾ وڃي تنبو هنيائون.


پوءِ هو فاران جي بيابان ۾ قادس منجهہ، موسيٰ ۽ هارون ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت وٽ آيا، ۽ اچي حال احوال ڏنائون، ۽ انهيءَ زمين جو ميوو ڏيکاريائون.


سو موسيٰ خداوند جي حڪم موجب انهن کي فاران جي بيابان مان موڪليو: اهي سڀ بني اسرائيل جا سردار هئا.


۽ جڏهن ساريءَ جماعت ڏٺو تہ هارون مري ويو، تڏهن انهن، يعني اسرائيل جي سڄي گهراڻي هارون لاءِ ٽيهہ ڏينهن ماتم ڪيو.


۽ ديندار ماڻهن استيفنس کي وڃي دفن ڪيو، ۽ انهي لاءِ ڏاڍو ماتم ڪيائون.


۽ بني اسرائيل موسيٰ جي لاءِ موآب جي ميدان ۾ ٽيهہ ڏينهن ماتم ڪيو: پوءِ موسيٰ جي لاءِ ماتم ڪرڻ ۽ روئڻ جا ڏينهن پورا ٿيا.


۽ هو صبح جو سوير اُٿي خداوند جي اڳيان سجدو ڪري، موٽي پنهنجي گهر رامہ ۾ آيا: ۽ القانہ پنهنجي زال حنہ سان صحبت ڪئي؛ ۽ خداوند هن کي ياد ڪيو.


هاڻي سموئيل مري ويو هو، ۽ سڀني اسرائيلين سندس لاءِ ماتم ڪري کيس سندس شهر رامہ ۾ دفن ڪيو هو. ۽ سائول انهن سڀني ڀوپن، ۽ جادوگرن کي ملڪ مان ڪڍي ڇڏيو هو.


۽ هو رامہ ۾ موٽي ايندو هو، ڇالاءِ جو سندس گهر اُتي هو؛ ۽ اُتي هو اسرائيل جو قاضي هو: ۽ اُتي هن خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ