Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 24:9 - Sindhi Bible

9 ۽ دائود سائول کي چيو تہ ڇالاءِ تون ماڻهن جون ڳالهيون ٿو ٻڌين، جي چون ٿا تہ ڏس، دائود توکي ايذاءُ پهچائڻ ٿو گهري؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 ۽ چيائينس تہ ”توهين انهن ماڻهن جي ڳالهہ ڇو ٿا ٻڌو، جيڪي چون ٿا تہ ’دائود توهان کي نقصان پهچائڻ ٿو گھري‘؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 24:9
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي پرپٺ گلا ٿو ڪري تنهن کي آءٌ برباد ڪندس: آءٌ بلند نظر ۽ مغرور دل جي برداشت ڪين ڪندس.


انهن جا منصف ٽڪرين تان ڪيرايا ويا آهن؛ ۽ اُهي منهنجون ڳالهيون ٻڌندا؛ ڇو جو اهي مٺيون آهن.


بيهودو ماڻهو جهيڙو جهڳڙو پکيڙي ٿو: ۽ چغل خور خاص دوستن کي دشمن ڪري ڇڏي ٿو.


بدڪار ماڻهو خراب ڳالهين تي ڌيان ڏئي ٿو، ۽ ڪوڙو ماڻهو شرارتي زبان ڏانهن ڪن ڏئي ٿو.


چغل خور جون ڳالهيون لذيذ لقمن جهڙيون آهن، ۽ اهي پيٽ جي تمام اندرين ڀاڱن ۾ لهيو وڃن.


اُتر جو واءُ مينهن آڻيندو آهي: ساڳئي طرح گلا غيبت ڪندڙ زبان ڪاوڙ واري صورت آڻي ٿي.


ڪوڙ ڳالهائيندڙ زبان انهن کي ڌڪاري ٿي جن کي ڦٽي ٿي، ۽ خوشامد ڪندڙ وات موت پيدا ٿو ڪري.


جيڪڏهن ڪو حاڪم ڪوڙ کي ڪن ڏيئي ٻڌي ٿو، تہ سندس سڀ نوڪر شرير آهن.


هيترو بہ وڌيڪ يرمياہ صدقياہ بادشاهہ کي چيو، تہ مون تنهنجو يا تنهنجن نوڪرن جو يا تنهنجي قوم جو ڪهڙو گناهہ ڪيو آهي جو تو مون کي قيد ۾ وڌو آهي؟


تون پنهنجن ماڻهن ۾ چغلخورن وانگر هيڏانهن هوڏانهن اچ وڃ نہ ڪج: نڪي پنهنجي پاڙيسريءَ جي خون تي سندرو ٻڌج: آءٌ خداوند آهيان.


۽ زبان بہ هڪڙي باهہ آهي: اسانجن عضون ۾ شرارت جو عالم اها زبان آهي، جا ساري بدن کي ڪِنو ٿي ڪري، ۽ دنيا جي چرخي کي باهہ ٿي لڳائي ۽ دوزخ جي باهہ سان پيئي سڙي.


۽ دائود رامہ واري نيوت مان ڀڄي نڪتو ۽ يونتن وٽ آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ مون ڇا ڪيو آهي؟ منهنجو ڪهڙو ڏوهہ آهي؟ ۽ تنهنجي پيءُ جي نظر ۾ منهنجو ڪهڙو گناهہ آهي جو هو مون کي مارڻ ٿو چاهي؟


جڏهن ڇوڪر هليو ويو تڏهن دائود ڏکڻ واري هنڌان اُٿيو، ۽ ٽي ڀيرا زمين تي منهن رکي سجدو ڪيائين: پوءِ هنن هڪٻئي کي چُميو، ۽ هڪٻئي سان رُنو، پر دائود حد ڪري چڪو.


ڏس، تو پاڻ پنهنجين اکين سان ڏٺو آهي تہ خداوند توکي اڄ هن غار ۾ منهنجن هٿن ۾ ڏئي ڇڏيو هو: ۽ ڪنهن مون کي ائين بہ چيو هو تہ توکي ماريان: پر منهنجي اک توکي ڇڏي ڏنو: ۽ مون چيو تہ آءٌ پنهنجي ڌڻيءَ جي برخلاف هٿ نہ ڊگهيريندس؛ ڇالاءِ جو هو خداوند جو مسح ڪيل آهي.


تنهن کان پوءِ دائود بہ اُٿيو ۽ غار مان نڪري سائول کي سڏي چيائين تہ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، ۽ جڏهن سائول منهن ورائي ڏٺو تڏهن دائود منهن زمين تي رکي هن کي تعظيم ڏني.


تڏهن هن چيو تہ ڇالاءِ منهنجو ڌڻي پنهنجي ٻانهي جي پٺيان ٿو پوي؟ مون ڇا ڪيو آهي؟ يا منهنجي هٿ ۾ ڪهڙي خرابي آهي؟


تنهنڪري هاڻي آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجو ڌڻي بادشاهہ پنهنجي ٻانهي جي ڳالهہ ٻڌي. جيڪڏهن خداوند توکي چوري منهنجي برخلاف ڪيو آهي، تہ هڪڙو نذرانو قبول ڪر: پر جي اُهو انسان جو ڪم هجي تہ شل اُهي خداوند جي اڳيان لعنتي ٿين: ڇالاءِ جو اُنهن اڄ مون کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو آهي، انهي لاءِ تہ منهنجو خداوند جي ميراث ۾ ڪو حصو نہ رهي، ۽ مون کي چون ٿا تہ وڃ وڃي ٻين معبودن جي عبادت ڪر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ