Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 24:8 - Sindhi Bible

8 تنهن کان پوءِ دائود بہ اُٿيو ۽ غار مان نڪري سائول کي سڏي چيائين تہ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، ۽ جڏهن سائول منهن ورائي ڏٺو تڏهن دائود منهن زمين تي رکي هن کي تعظيم ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 تڏهن دائود بہ اٿيو ۽ غار مان نڪري اچي سائول کي سڏي چيائين تہ ”اي منهنجا آقا بادشاهہ!“ سائول منهن ورائي پٺتي نهاريو تہ دائود منهن زمين تي رکي کيس تعظيم ڏني

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 24:8
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ابرام جهڪي سجدو ڪيو: ۽ خدا ساڻس ڳالهايو، ۽ چيائينس تہ


تڏهن بت سبع منهن زمين تي جهڪائي بادشاهہ کي تعظيم ڏيئي چيو تہ شل منهنجو ڌڻي بادشاهہ دائود سدائين جيئرو رهي.


تون پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪر، تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجي عمر وڏي ٿئي.


سڀني جو حق ادا ڪريو: جنهن کي ڍل ڏيڻي هجي، تنهن کي ڍل ڏيو؛ جنهن کي محصول ڏيڻو هجي، تنهن کي محصول ڏيو؛ جنهن کان ڊڄڻ گهرجي، تنهن کان ڊڄو، جنهن جي عزت ڪرڻ گهرجي، تنهن جي عزت ڪريو.


سڀني ماڻهن جي عزت ڪريو. برادريءَ وارن کي پيار ڪريو. خدا کان ڊڄو. بادشاهہ جي تعظيم ڪريو.


جڏهن ڇوڪر هليو ويو تڏهن دائود ڏکڻ واري هنڌان اُٿيو، ۽ ٽي ڀيرا زمين تي منهن رکي سجدو ڪيائين: پوءِ هنن هڪٻئي کي چُميو، ۽ هڪٻئي سان رُنو، پر دائود حد ڪري چڪو.


تڏهن دائود پنهنجن ماڻهن کي ائين چئي روڪيو، ۽ سائول تي ڪاهي وڃڻ نہ ڏنو. ۽ سائول غار مان نڪري پنهنجي واٽ وٺي هليو ويو.


۽ دائود سائول کي چيو تہ ڇالاءِ تون ماڻهن جون ڳالهيون ٿو ٻڌين، جي چون ٿا تہ ڏس، دائود توکي ايذاءُ پهچائڻ ٿو گهري؟


۽ سائول دائود جو آواز سڃاتو، ۽ چوڻ لڳو تہ اي منهنجا پٽ دائود، اهو تنهنجو آواز آهي ڇا؟ ۽ دائود چيو تہ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ اهو منهنجو آواز آهي.


۽ هن چيس تہ اُهو ڪهڙي شڪل جو آهي؟ زال چيو تہ هڪڙو ٻڍو ماڻهو چڙهندو ٿو اچي؛ ۽ ان کي هڪڙو چوغو پيل آهي. ۽ سائول سهي ڪيو تہ اهو سموئيل آهي، تڏهن هن پنهنجو منهن جهڪائي زمين تي رکيو، ۽ تعظيم ڏنائينس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ