Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 24:22 - Sindhi Bible

22 تڏهن دائود سائول سان قسم کنيو. ۽ سائول گهر هليو ويو؛ پر دائود پنهنجي ماڻهن سميت چڙهي انهي قلعي ۾ وڃي رهڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 تڏهن دائود سائول سان قسم کڻي واعدو ڪيو. پوءِ سائول گھر روانو ٿي ويو، جڏهن تہ دائود پنهنجي ماڻهن سميت چڙهي انهيءَ پهاڙي علائقي ۾ هليو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 24:22
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ وقت هيئن ٿيو جو ابي ملڪ ۽ سندس سپهہ سالار فيڪل، ابرهام کي چيو تہ جيڪي تون ڪرين ٿو، تنهن ۾ خدا تو ساڻ آهي.


سو هاڻي، هتي مون سان خدا جو قسم کڻ تہ تون مون، توڙي منهنجي پٽ ۽ پوٽي سان دغا نہ ڪندين: ۽ جهڙي مهرباني مون تو سان ڪئي آهي، تهڙي مون سان، ۽ جنهن ملڪ ۾ تون رهيو پيو آهين، تنهن سان ڪندو رهندين.


تنهن جي پٽن مان ست ڄڻا اسان جي حوالي ڪيا وڃن تہ انهن کي اسين خداوند جي چونڊيل سائول جي جبعہ ۾، خداوند جي لاءِ ڦاسي ڏئي لڙڪايون. ۽ بادشاهہ چيو تہ آءٌ اهي ڏيندس.


پر بادشاهہ مفيبوست، بن يونتن، بن سائول کي ڇڏي ڏنو، ڇالاءِ جو هنن جي وچ ۾ خداوند جو قسم هو، يعني دائود ۽ يونتن بن سائول جي وچ ۾.


پر يسوع پنهنجي نسبت هنن تي اعتبار نہ ڪيو، ڇالاءِ تہ هن سڀني کي سُڃاتو ٿي،


پوءِ دائود اُتان چڙهي ويو ۽ عين جديءَ جي مضبوط قلعن ۾ وڃي رهڻ لڳو.


تڏهن سائول دائود کي چيو تہ اي منهنجا پٽ دائود، شل تون برڪت وارو هجين: تون وڏا وڏا ڪم ڪندين، ۽ ضرور فتحياب ٿيندين. پوءِ دائود پنهنجو رستو ڏيئي هليو ويو، ۽ سائول موٽي پنهنجي جاءِ ڏي ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ