Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 24:20 - Sindhi Bible

20 ۽ هاڻي ڏس، مون کي خبر آهي تہ ضرور تون بادشاهہ ٿيندين، ۽ اسرائيل جي حڪومت تنهنجي هٿ ۾ قائم ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 هاڻي مون کي يقين آهي تہ تون ضرور بادشاهہ ٿيندين ۽ بني اسرائيل جي حڪومت تنهنجي ئي هٿ ۾ قائم ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 24:20
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو هن خدا جي برخلاف پنهنجو هٿ ڊگهيريو آهي، ۽ قادر مطلق جي برخلاف هو مغروريءَ سان هليو آهي؛


تہ ڀلي دشمن منهنجيءَ جان جي پٺيان پوي، ۽ مون کي جهلي؛ هائو، ڀلي تہ هو منهنجيءَ حياتي کي لتاڙي ۽ منهنجي وڏائيءَ کي مٽيءَ ۾ ملائي.


جيڪڏهن تنهنجو دشمن بکايل هجي تہ انهيءَ کي کائڻ لاءِ ماني ڏي، ۽ جي هو اُڃايل هجي تہ پيئڻ لاءِ پاڻي ڏينس.


هاڻي جڏهن هو روانا ٿيا، تڏهن ڏسو، خدا جي هڪڙي ملائڪ يوسف کي خواب ۾ ڏيکاري ڏيئي چيو تہ اُٿ ۽ هن ننڍي ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي مصر ملڪ ۾ ڀڄي وڃ ۽ اُتي ئي رهجانءِ، جيسين ڪ آئون توکي چوان: ڇالاءِ جو هيروديس انهي ننڍي ٻار کي ماري کپائڻ لاءِ اُن جي ڳولا ڪندو.


پوءِ جڏهن هيروديس ڏٺو تہ مجوسين مون سان ٺڳي ڪئي آهي تڏهن ڏاڍو اچي ڪاوڙيو، ۽ انهن مجوسين کان جو وقت پڇي پڪو ڪري ڇڏيو هئائين، تنهن موجب بيت الحم ۾ ۽ ان جي آس پاس وارين حدن ۾، جيڪي ڇوڪر ٻن ورهين جا ۽ انهي کان ننڍا هئا، تن سڀني کي ماڻهو موڪلي مارائي ڇڏيائين.


شل خداوند توکي تنهنجي ڪم جو اُجورو ڏئي، ۽ خداوند، اسرائيل جي خدا کان توکي پورو انعام ملي، جنهن جي کنڀن هيٺ تو اچي پناهہ ورتي آهي.


پر هاڻي تنهنجي بادشاهي قائم نہ رهندي: خداوند پنهنجي لاءِ پنهنجي دل جي پسنديءَ موجب هڪڙو ماڻهو ڳولي ڪڍيو آهي، ۽ خداوند انهي کي پنهنجي قوم تي سردار مقرر ڪيو آهي، ڇالاءِ جو جيڪو حڪم توکي خداوند ڏنو تنهن جي تو سنڀال نہ ڪئي.


۽ هن کي چيائين تہ ڊڄ نہ: ڇالاءِ تہ منهنجي پيءُ سائول جو هٿ توکي نہ لهندو، ۽ تون اسرائيل جو بادشاهہ ٿيندين، ۽ توکان پوءِ منهنجو درجو ٿيندو؛ ۽ انهي جي بہ منهنجي پيءُ کي خبر آهي.


تڏهن سائول دائود کي چيو تہ اي منهنجا پٽ دائود، شل تون برڪت وارو هجين: تون وڏا وڏا ڪم ڪندين، ۽ ضرور فتحياب ٿيندين. پوءِ دائود پنهنجو رستو ڏيئي هليو ويو، ۽ سائول موٽي پنهنجي جاءِ ڏي ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ