Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 24:19 - Sindhi Bible

19 ڇالاءِ جو جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجو دشمن هٿ اچي تہ جيڪر اهو هن کي سلامت ڇڏي ڏئي ڇا؟ تنهنڪري شل خداوند توکي انهي چڱائي جو چڱو عيوض ڏئي، جا تو اڄوڪي ڏينهن مون سان ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 ڀلا ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجو دشمن هٿ اچي تہ ڇا اهو کيس سلامتيءَ سان وڃڻ ڏيندو؟ تنهنڪري شل خداوند تو کي انهيءَ چڱائيءَ جو چڱو بدلو ڏئي جيڪا تو اڄوڪي ڏينهن مون سان ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 24:19
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن مون کي ڪڍي هڪڙي ڪشاديءَ جاءِ ۾ آندو؛ هن مون کي ڇڏايو، ڇالاءِ جو هو مون مان خوش هو. خداوند مون کي منهنجي راستبازيءَ موجب انعام ڏنو؛ ۽ منهنجي هٿن جي صفائيءَ موجب مونکي عيوضو ڏنائين.


۽ انهيءَ پنهنجي ماءُ کي چيو تہ يارهن سؤ چانديءَ جا سڪا، جي تنهنجا گم ٿي ويا هئا، ۽ جن بابت تو پٽ پاراتو ڪيو هو، ۽ مون کي بہ ٻڌايو هوءِ، ڏس تہ اُهي چانديءَ جا سڪا مون وٽ آهن؛ مون کنيا هئا. تڏهن ماڻس چيس تہ شل منهنجي پٽ کي خداوند برڪت ڏئي.


شل خداوند توکي تنهنجي ڪم جو اُجورو ڏئي، ۽ خداوند، اسرائيل جي خدا کان توکي پورو انعام ملي، جنهن جي کنڀن هيٺ تو اچي پناهہ ورتي آهي.


۽ هن کي چيائين تہ ڊڄ نہ: ڇالاءِ تہ منهنجي پيءُ سائول جو هٿ توکي نہ لهندو، ۽ تون اسرائيل جو بادشاهہ ٿيندين، ۽ توکان پوءِ منهنجو درجو ٿيندو؛ ۽ انهي جي بہ منهنجي پيءُ کي خبر آهي.


۽ سائول چيو تہ شل خداوند جي برڪت اوهان تي هجي: ڇالاءِ جو اوهان مون تي رحم ڪيو آهي.


۽ خداوند پاڻهي ئي سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي سچائي ۽ ايمانداريءَ جو بدلو ڏيندو: ڇالاءِ جو خداوند اڄ توکي منهنجن هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو هو، پر مون خداوند جي مسح ڪيل تي پنهنجو هٿ ڊگهو ڪرڻ نہ گهريو.


تڏهن سائول دائود کي چيو تہ اي منهنجا پٽ دائود، شل تون برڪت وارو هجين: تون وڏا وڏا ڪم ڪندين، ۽ ضرور فتحياب ٿيندين. پوءِ دائود پنهنجو رستو ڏيئي هليو ويو، ۽ سائول موٽي پنهنجي جاءِ ڏي ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ