Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 24:18 - Sindhi Bible

18 ۽ تو اڄ ظاهر ڪري ڏيکاريو آهي تہ ڪيئن تو مون سان چڱو سلوڪ ڪيو آهي، ڇالاءِ جو جڏهن خداوند مون کي تنهنجن هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو، تڏهن تو مون کي ماري نہ وڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 تو اڄ ظاهر ڪري ڏيکاريو آهي تہ تو مون سان ڪيڏي نہ چڱائي ڪئي آهي، ڇو تہ جڏهن خداوند مون کي تنهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو، تڏهن بہ تو مون کي ڪين ماريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 24:18
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يهوداہ اهي شيون سڃاڻي چيو تہ هوءَ مون کان وڌيڪ راستباز آهي؛ ڇالاءِ جو مون پنهنجي پٽ سيلہ سان هن جي شادي نہ ڪرائي. ۽ انهي کان پوءِ هو وري وٽس نہ ويو.


تو مون کي دشمن جي هٿ ۾ قيدي نہ ڇڏيو آهي؛ تو منهنجا پير ڪشاديءَ جاءِ تي رکيا آهن.


تہ ڀلي دشمن منهنجيءَ جان جي پٺيان پوي، ۽ مون کي جهلي؛ هائو، ڀلي تہ هو منهنجيءَ حياتي کي لتاڙي ۽ منهنجي وڏائيءَ کي مٽيءَ ۾ ملائي.


انهيءَ طرح تون هن جي مٿي تي ٽانڊا رکندين، ۽ خداوند توکي اجر ڏيندو.


تڏهن دائود چيو تہ قعيلہ جا ماڻهو مون کي، ۽ منهنجي ماڻهن کي سائول جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندا ڇا؟ ۽ خداوند فرمايو تہ هو توکي هن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندا.


۽ سائول کي خبر ملي تہ دائود قعيلہ ۾ آيو آهي. ۽ سائول چيو تہ خدا هن کي منهنجي چنبي ۾ آڻي وڌو آهي؛ ڇالاءِ جو هو اهڙي شهر ۾ اچي گهڙيو آهي جنهن کي دروازا ۽ گز آهن، تنهنڪري هو هاڻ بند ۾ آهي.


ڏس، تو پاڻ پنهنجين اکين سان ڏٺو آهي تہ خداوند توکي اڄ هن غار ۾ منهنجن هٿن ۾ ڏئي ڇڏيو هو: ۽ ڪنهن مون کي ائين بہ چيو هو تہ توکي ماريان: پر منهنجي اک توکي ڇڏي ڏنو: ۽ مون چيو تہ آءٌ پنهنجي ڌڻيءَ جي برخلاف هٿ نہ ڊگهيريندس؛ ڇالاءِ جو هو خداوند جو مسح ڪيل آهي.


ڇالاءِ جو جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجو دشمن هٿ اچي تہ جيڪر اهو هن کي سلامت ڇڏي ڏئي ڇا؟ تنهنڪري شل خداوند توکي انهي چڱائي جو چڱو عيوض ڏئي، جا تو اڄوڪي ڏينهن مون سان ڪئي آهي.


۽ خداوند پاڻهي ئي سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي سچائي ۽ ايمانداريءَ جو بدلو ڏيندو: ڇالاءِ جو خداوند اڄ توکي منهنجن هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو هو، پر مون خداوند جي مسح ڪيل تي پنهنجو هٿ ڊگهو ڪرڻ نہ گهريو.


تڏهن ابيشيءَ دائود کي چيو تہ خدا اڄ تنهنجو دشمن تنهنجي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيو آهي، تنهنڪري هاڻي ڀلائي ڪري مون کي ڇڏ تہ آءٌ هن کي نيزي جي هڪڙي ئي ڌڪ سان ماري زمين ۾ ونڌي وجهان، ۽ ٻيو ڀيرو ڌڪ نہ هڻندوسانس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ