Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 24:16 - Sindhi Bible

16 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن دائود سائول کي ايترو چئي بس ڪيو، تڏهن سائول چيو تہ اي منهنجا پٽ دائود، اهو آواز تنهنجو آهي ڇا؟ پوءِ سائول رڙيون ڪري روئڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 جڏهن دائود اهي ڳالهيون سائول کي چئي بس ڪئي، تڏهن سائول چيس تہ ”اي منهنجا پٽ دائود! ڇا اهو سچ پچ تون ئي آهين؟“ پوءِ سائول رڙيون ڪري روئڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 24:16
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ساريءَ ابرام کي چيو تہ مون سان جيڪو ظلم ٿيو آهي، سو تنهنجي سر تي آهي! مون پنهنجي ٻانهي تنهنجيءَ هنج ۾ ڏني ۽ هاڻي جڏهن هن ڏٺو تہ پيٽ سان ٿي آهي، تڏهن مون ڏانهن حقارت سان ٿي نهاري: سو خداوند منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ انصاف ڪندو.


۽ ستين ڏينهن خدا پنهنجو ڪم پورو ڪيو؛ ۽ جيڪو ڪم ڪيو هئائين تنهن کان ستين ڏينهن فارغ ٿيو.


تڏهن عيسو کيس گڏجڻ لاءِ ڊوڙيو، ۽ کيس ڀاڪر پائي، گلي لڳائي چميائينس: ۽ هو ٻئي روئڻ لڳا.


تڏهن عماسيءَ، جو ٽيهن جو سردار هو، تنهن تي روح نازل ٿيو ۽ اهو چوڻ لڳو تہ اي دائود، اسين تنهنجا آهيون، ۽ اي يسيءَ جا پٽ، اسين تنهنجي پاسي آهيون: توتي سلامتي، سلامتي هجي، ۽ تنهنجن مددگارن تي سلامتي هجي؛ ڇالاءِ جو تنهنجو خدا توکي مدد ٿو ڪري. تڏهن دائود انهن جي مرحبا ڪئي ۽ انهن کي ٽولين جا سردار ڪيائين.


سچائيءَ جو ڪلام ڪهڙو نہ زور ڀريو آهي! پر اوهانجي حجت ڪنهن کي ٿي فهمائش ڪري؟


تون منهنجي طرفان وڪالت ڪر، ۽ منهنجو بدلو ڏي؛ ۽ پنهنجي ڪلام موجب مون کي جيار.


نرم جواب ڪاوڙ وڃايو ڇڏي: پر ڏکوئيندڙ ڳالهہ ڪاوڙ پيدا ڪري ٿي.


مناسب وقت تي هڪڙو لفظ اهڙو آهي جهڙا سون جا صوف چانديءَ جي ٽوڪرين ۾،


ڇالاءِ تہ آئون اوهان کي اهڙي زبان ۽ اهڙي سمجهہ ڏيندس، جو اوهان جي ڪنهن بہ دشمن کي طاقت نہ ٿيندي تہ اوهان جي سامهون ٿئي، يا اوهان کي رد قد ڏيئي سگهي.


۽ جنهن دانائيءَ ۽ روح سان هو ڳالهائيندو هو، تنهن جو مقابلو هو ڪري ڪين سگهندا هئا.


تنهنڪري مون اوهان جو گناهہ ڪونہ ڪيو آهي، پر تون مون سان ناحق ٿو ڪرين جو مون سان جنگ ٿو ڪرين: خداوند، جو منصف آهي، سو ڀلي تہ اڄ بني اسرائيل ۽ بني عمون جي وچ ۾ انصاف ڪري.


۽ سائول دائود جو آواز سڃاتو، ۽ چوڻ لڳو تہ اي منهنجا پٽ دائود، اهو تنهنجو آواز آهي ڇا؟ ۽ دائود چيو تہ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ اهو منهنجو آواز آهي.


ڏس، جيئن اڄ تنهنجي حياتي منهنجي نظر ۾ قيمتي هئي، تيئن ڀلي منهنجي حياتي بہ خداوند جي نظر ۾ قيمتي هجي، ۽ اُهو مون کي سڀني تڪليفن کان بچائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ