Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 24:15 - Sindhi Bible

15 تنهنڪري ڀلي تہ خداوند منصف ٿئي، ۽ منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ فيصلو ڪري ۽ ڏسي، ۽ منهنجي طرفان بچاءُ ڏئي، ۽ مون کي تنهنجي هٿان ڇڏائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 سو شل خداوند ئي منصف ٿئي ۽ منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ فيصلو ڪري. شل هو انهيءَ ڳالهہ کي ڏسي مون کي بي‌ڏوهي قرار ڏئي ۽ اوهان جي هٿان ڇڏائي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 24:15
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خدا منهنجو انصاف ڪر، ۽ بي دين قوم جي مقابلي ۾ منهنجي وڪالت ڪر: دغاباز ۽ بي انصاف ماڻهوءَ کان مون کي ڇڏاءِ.


تون منهنجي طرفان وڪالت ڪر، ۽ منهنجو بدلو ڏي؛ ۽ پنهنجي ڪلام موجب مون کي جيار.


اي خداوند جيڪي مون سان جهيڙو ٿا ڪن تن سان تون جهيڙو ڪر: ۽ جيڪي مون سان وڙهن ٿا تن سان وڙهہ.


خداوند منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ انصاف ڪري، ۽ خداوند منهنجو توکان وير وٺي: پر منهنجو هٿ توتي نہ پوندو.


آءٌ خداوند جي ڪاوڙ سهندس، ڇالاءِ جو مون هن جو گناهہ ڪيو آهي؛ جيسين ڪ هو منهنجي طرفان حجت ڪري، ۽ منهنجو فيصلو ڪري: هو مون کي ڪڍي سوجهري ۾ آڻيندو، آءٌ سندس راستبازي ڏسندس.


اي قومون، اوهين سڀ ٻڌو: اي زمين ۽ جيڪي اُن ۾ آهي سي ٻڌو، ۽ خداوند، هائو خداوند پنهنجي پاڪ هيڪل مان ڀلي تہ اوهان تي شاهدي ڏئي.


انهيءَ طرح يوآس بادشاهہ اُها مهرباني ياد نہ ڪئي جا هن جي پيءُ يهويدع ڪئي هئس، پر انهيءَ جي پٽ کي قتل ڪري ڇڏيائين. ۽ جڏهن زڪرياہ مئو، تڏهن هن چيو تہ شل خداوند اهو ڏسي ۽ انهيءَ جو حساب وٺي.


تڏهن دائود جاسوس موڪلي خاطري ڪئي تہ سائول برابر آيو آهي يا نہ.


تنهنڪري مون اوهان جو گناهہ ڪونہ ڪيو آهي، پر تون مون سان ناحق ٿو ڪرين جو مون سان جنگ ٿو ڪرين: خداوند، جو منصف آهي، سو ڀلي تہ اڄ بني اسرائيل ۽ بني عمون جي وچ ۾ انصاف ڪري.


۽ جڏهن دائود ٻڌو تہ نابال مري ويو آهي تڏهن چوڻ لڳو تہ خداوند برڪت وارو هجي جنهن نابال جي هٿان منهنجي پاران منهنجي حقارت جو بدلو ورتو آهي، ۽ پنهنجي ٻانهي کي خرابي ڪرڻ کان بچايو اٿس: ۽ نابال جي شرارت موٽائي خود سندس گردن تي وڌي اٿس؛ ۽ دائود ماڻهو موڪلي ابيجيل جي نالي چوائي موڪليو تہ آءٌ هن کي پنهنجي زال ڪرڻ ٿو گهران.


۽ فلستيءَ دائود کي چيو تہ آءٌ ڪو ڪتو آهيان ڇا جو تون لٺ کڻي مون تي آيو آهين؟ ۽ فلستي پنهنجن معبودن جا قسم کڻي دائود تي لعنت وڌي.


تنهنڪري هاڻي ائين نہ ٿئي تہ منهنجو رت خداوند جي حضور کان پري زمين تي ڪري: ڇالاءِ جو اسرائيل جو بادشاهہ هڪڙي ڪارڙي جي ڳولا ۾ نڪتو آهي، ۽ ڄڻ تہ ڪو ماڻهو هڪڙي تتر جي شڪار لاءِ جبل تي آيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ