Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 24:12 - Sindhi Bible

12 خداوند منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ انصاف ڪري، ۽ خداوند منهنجو توکان وير وٺي: پر منهنجو هٿ توتي نہ پوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 شل خداوند منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ انصاف ڪري ۽ توهان کان منهنجو وير وٺي. باقي منهنجو هٿ توهان تي ڪين کڄندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 24:12
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ساريءَ ابرام کي چيو تہ مون سان جيڪو ظلم ٿيو آهي، سو تنهنجي سر تي آهي! مون پنهنجي ٻانهي تنهنجيءَ هنج ۾ ڏني ۽ هاڻي جڏهن هن ڏٺو تہ پيٽ سان ٿي آهي، تڏهن مون ڏانهن حقارت سان ٿي نهاري: سو خداوند منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ انصاف ڪندو.


ابرهام جو خدا، ۽ نحور جو خدا، ۽ سندن پيءُ جو خدا، اسان ٻنهي جي وچ ۾ انصاف ڪندو. تڏهن يعقوب انهيءَ جو قسم کنيو، جنهن جو سندس پيءُ اسحاق کي خوف هو.


اهو خدا، جو منهنجي پاران وير وٺي ٿو، ۽ قومن کي منهنجي هيٺان ڪري ٿو،


تڏهن عماسيءَ، جو ٽيهن جو سردار هو، تنهن تي روح نازل ٿيو ۽ اهو چوڻ لڳو تہ اي دائود، اسين تنهنجا آهيون، ۽ اي يسيءَ جا پٽ، اسين تنهنجي پاسي آهيون: توتي سلامتي، سلامتي هجي، ۽ تنهنجن مددگارن تي سلامتي هجي؛ ڇالاءِ جو تنهنجو خدا توکي مدد ٿو ڪري. تڏهن دائود انهن جي مرحبا ڪئي ۽ انهن کي ٽولين جا سردار ڪيائين.


پر آءٌ خدا کي ڳولڻ ٿو گهران، ۽ پنهنجو معاملو خدا جي حوالي ڪرڻ ٿو گهران:


اي خداوند جيڪي مون سان جهيڙو ٿا ڪن تن سان تون جهيڙو ڪر: ۽ جيڪي مون سان وڙهن ٿا تن سان وڙهہ.


اي خدا منهنجو انصاف ڪر، ۽ بي دين قوم جي مقابلي ۾ منهنجي وڪالت ڪر: دغاباز ۽ بي انصاف ماڻهوءَ کان مون کي ڇڏاءِ.


اي خداوند، اي انتقام وٺڻ وارا خدا! اي خدا، جنهن جو ڪم بدلو وٺڻ آهي، پنهنجو جلوو ڏيکار.


اي عزيزو، پاڻ پنهنجو وير نہ وٺو، پر (خدا جي) غضب کي واٽ ڏيو: ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ خداوند فرمائي ٿو، تہ ”وير وٺڻ منهنجو ڪم آهي، بدلو آئون ئي ڏيندس.“


هن گاريون کاڌيون، پر موٽائي گار نہ ڏنائين؛ هن ڏک سَٺو پر ڪنهن کي بہ ڌمڪايائين ڪين؛ بلڪ پاڻ کي سچي انصاف ڪرڻ واري جي حوالي ڪيائين.


۽ انهن وڏي آواز سان چيو تہ اي پاڪ ۽ سچا خداوند خدا، تون ڪيستائين عدالت نہ ڪندين، ۽ جيڪي زمين تي آهن، تن کان اسان جي خون جو بدلو نہ وٺندين؟


تنهنڪري مون اوهان جو گناهہ ڪونہ ڪيو آهي، پر تون مون سان ناحق ٿو ڪرين جو مون سان جنگ ٿو ڪرين: خداوند، جو منصف آهي، سو ڀلي تہ اڄ بني اسرائيل ۽ بني عمون جي وچ ۾ انصاف ڪري.


۽ دائود رامہ واري نيوت مان ڀڄي نڪتو ۽ يونتن وٽ آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ مون ڇا ڪيو آهي؟ منهنجو ڪهڙو ڏوهہ آهي؟ ۽ تنهنجي پيءُ جي نظر ۾ منهنجو ڪهڙو گناهہ آهي جو هو مون کي مارڻ ٿو چاهي؟


تنهنڪري ڀلي تہ خداوند منصف ٿئي، ۽ منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ فيصلو ڪري ۽ ڏسي، ۽ منهنجي طرفان بچاءُ ڏئي، ۽ مون کي تنهنجي هٿان ڇڏائي.


۽ خداوند پاڻهي ئي سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي سچائي ۽ ايمانداريءَ جو بدلو ڏيندو: ڇالاءِ جو خداوند اڄ توکي منهنجن هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو هو، پر مون خداوند جي مسح ڪيل تي پنهنجو هٿ ڊگهو ڪرڻ نہ گهريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ