Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 24:10 - Sindhi Bible

10 ڏس، تو پاڻ پنهنجين اکين سان ڏٺو آهي تہ خداوند توکي اڄ هن غار ۾ منهنجن هٿن ۾ ڏئي ڇڏيو هو: ۽ ڪنهن مون کي ائين بہ چيو هو تہ توکي ماريان: پر منهنجي اک توکي ڇڏي ڏنو: ۽ مون چيو تہ آءٌ پنهنجي ڌڻيءَ جي برخلاف هٿ نہ ڊگهيريندس؛ ڇالاءِ جو هو خداوند جو مسح ڪيل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 ڏسو، توهان پاڻ پنهنجين اکين سان ڏٺو آهي تہ خداوند توهان کي اڄ هن غار ۾ منهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو هو. منهنجي ڪن ماڻهن ائين بہ چيو تہ توهان کي ماري ڇڏيان، پر مون توهان کي جيئدان ڏنو. مون چيو تہ ’آءٌ پنهنجي آقا تي هٿ نہ کڻندس، ڇاڪاڻ تہ هو خداوند جو مسح ڪرايل بادشاهہ آهي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 24:10
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ چيائين تہ منهنجي مسح ٿيل کي هٿ نہ لائيو، ۽ منهنجي نبين کي نقصان نہ رسايو.


ڇو جو بدڪاريءَ جو عصو راستبازن جي ميراث تي رهي ڪين سگهندو؛ متان راستباز پنهنجا هٿ بڇڙائيءَ ڏانهن وڌائين.


اي خداوند، منهنجا خدا، جيڪڏهن مون هي ڪيو آهي؛ جيڪڏهن منهنجي هٿان ڪا بڇڙائي ٿي آهي؛


جيڪڏهن مون ڪنهن سان نيڪيءَ جي عيوض بدي ڪئي آهي. (پر مون تہ پاڻ انهي کي بچايو آهي جو بي سبب منهنجو دشمن هو:)


پر جيڪڏهن ڪو مارڻ جي ارادي سان وجهہ وٺي نہ ويٺو هجي پر خدا اهو ماڻهو اوچتو سندس هٿن ۾ آڻي وڌو هجي، تہ پوءِ آءٌ هن جي لاءِ هڪڙي جاءِ مقرر ڪندس جتي هو ڀڄي وڃي.


تو ۾ رت هارڻ جي لاءِ چغلخور ماڻهو رهيا آهن: ۽ هنن تو ۾ جبلن تي ويهي کاڌو آهي: تنهنجي وچ ۾ هنن شهوت پرستي ڪئي آهي.


تون پنهنجن ماڻهن ۾ چغلخورن وانگر هيڏانهن هوڏانهن اچ وڃ نہ ڪج: نڪي پنهنجي پاڙيسريءَ جي خون تي سندرو ٻڌج: آءٌ خداوند آهيان.


۽ دائود جي ماڻهن کيس چيو تہ ڏس، جنهن ڏينهن بابت خداوند توکي فرمايو هو، تہ آءٌ تنهنجو دشمن تنهنجن هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس، پوءِ توکي جيئن مناسب نظر اچي تيئن ساڻس ڪجانءِ، اهو ڏينهن اڄوڪو آهي. سو دائود اُٿيو ۽ چوريءَ سائول جي چوغي جو دامن ڪپي کڻي ويو.


۽ دائود سائول کي چيو تہ ڇالاءِ تون ماڻهن جون ڳالهيون ٿو ٻڌين، جي چون ٿا تہ ڏس، دائود توکي ايذاءُ پهچائڻ ٿو گهري؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ