Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 23:6 - Sindhi Bible

6 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ابي ياتر بن اخيملڪ قعيلہ ڏي دائود ڏانهن ڀڳو هو، تڏهن هو پاڻ سان هڪڙو افود کڻي آيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 جڏهن ابي‌ياتر ولد اخيملڪ ڀڄي دائود وٽ قعيلہ ۾ آيو هو تہ پاڻ سان مذهبي وڳو بہ کڻي آيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 23:6
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بادشاهہ ابياتر ڪاهن کي چيو تہ تون عنتوت ڏي پنهنجين ٻنين ۾ وڃي رهہ؛ ڇالاءِ جو مرڻ جي لائق آهين: پر في الحال آءٌ توکي نہ ماريندس، ڇالاءِ جو تون منهنجي پيءُ دائود جي اڳيان خداوند خدا جي صندوق کڻندو هئين، ۽ جيڪا مصيبت منهنجي پيءُ تي پيئي هئي سا توتي بہ پيئي هئي.


۽ هو سون، ۽ آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جي ڪپڙي، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو ايفود جوڙين، جنهن تي استاد ڪاريگر جو ڪم ٿيل هجي.


۽ سائول اخياہ کي چيو تہ خدا جي صندوق کڻي اچ، ڇالاءِ جو خدا جي صندوق انهي وقت بني اسرائيل وٽ اُتي هئي.


۽ اخياہ بن اخيطوب، جو يڪبود بن فينحاس، بن عيلي جو ڀاءُ هو، ۽ سيلا ۾ خداوند جو ڪاهن هو، سو بہ اُفود ڍڪيو ويٺو هو، ۽ ماڻهن کي ڪابہ خبر ڪانہ هئي تہ يونتن هليو ويو آهي.


۽ اخيملڪ بن اخيطوب جي پٽن مان هڪڙو، جنهن جو نالو ابي ياتر هو سو ڀڄي نڪتو، ۽ دائود وٽ ڀڄي ويو.


تنهنڪري دائود خداوند کان پڇيو تہ آءٌ وڃي انهن فلستين کي ماريان يا نہ؟ ۽ خداوند دائود کي چيو تہ وڃ ۽ وڃي فلستين کي مار، ۽ قعيلہ کي بچاءِ


۽ دائود ۽ سندس ماڻهو قعيلہ ڏي وڃي فلستين سان وڙهيا، ۽ انهن جو چوپايو مال آندائون، ۽ اُنهن ۾ ڏاڍو ڪوس وڌائون. انهي طرح دائود قعيلہ جي ماڻهن کي بچايو.


۽ سائول کي خبر ملي تہ دائود قعيلہ ۾ آيو آهي. ۽ سائول چيو تہ خدا هن کي منهنجي چنبي ۾ آڻي وڌو آهي؛ ڇالاءِ جو هو اهڙي شهر ۾ اچي گهڙيو آهي جنهن کي دروازا ۽ گز آهن، تنهنڪري هو هاڻ بند ۾ آهي.


۽ دائود کي خبر پيئي تہ سائول کيس نقصان پهچائڻ جي رٿ پيو ڪري: ۽ هن ابي ياتر ڪاهن کي چيو تہ افود کڻي اچ.


۽ دائود اخيملڪ جي پٽ ابي ياتر کي چيو تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي افود آڻي ڏي. ۽ ابي ياتر افود دائود وٽ کڻي آيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ