Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 23:3 - Sindhi Bible

3 ۽ دائود جي ماڻهن کيس چيو تہ ڏس، اسين هت يهوداہ ۾ ڊنا ويٺا آهيون: سو جيڪڏهن فلستين سان وڙهڻ جي لاءِ قعيلہ ڏي وينداسين تہ اسان کي ڪيترو نہ وڌيڪ ڊپ ٿيندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 پر دائود کي سندس ماڻهن چيو تہ ”اسين تہ هتي يهوداہ ۾ ئي ويٺا ڊڄون، سو جيڪڏهن اسين قعيلہ ڏانهن وڃي فلستي لشڪر جي مقابلي ۾ بيهنداسين تہ اسان کي ڪيڏو نہ وڌيڪ ڊپ ٿيندو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 23:3
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجو ڀروسو خداوند تي آهي، اوهين منهنجيءَ جان کي ڪيئن ٿا چئو تہ پکيءَ وانگي پنهنجي جبل ڏانهن اُڏامي وڃ؟


جيڪڏهن تون پيادن سان ڊوڙيو آهين ۽ انهن توکي ٿڪائي ڇڏيو آهي، تہ پوءِ تون ڪيئن گهوڙن سان ڊوڙي سگهندين؟ ۽ جيتوڻيڪ سلامتيءَ جي زمين ۾ تون صحيح سلامت آهين، تہ بہ يردن جي جهنگل ۾ تون ڪيئن ڪندين؟


۽ دائود ڏٺو تہ سائول سندس جان جي پٺيان آهي: ۽ دائود زيف جي بيابان ۾ ٻيلي منجهہ هو.


تنهنڪري دائود خداوند کان پڇيو تہ آءٌ وڃي انهن فلستين کي ماريان يا نہ؟ ۽ خداوند دائود کي چيو تہ وڃ ۽ وڃي فلستين کي مار، ۽ قعيلہ کي بچاءِ


تنهنڪري ڏسو ۽ هن جي لڪڻ جون سڀ جايون معلوم ڪريو، ۽ وري اچي مون کي پڪ ڏيو، تہ پوءِ آءٌ اوهان سان گڏجي هلندس: ۽ هيئن ٿيندو تہ جي هو انهي ملڪ ۾ هوندو، تہ يهوداہ جي سڀني هزارن مان بہ آءٌ هن کي ڳولي ڪڍندس.


۽ سائول جبل جي هڪڙي پاسي هليو ويو، ۽ دائود پنهنجن ماڻهن سميت جبل جي ٻئي پاسي هليو ويو: ۽ دائود سائول جي ڊپ کان تڪڙو تڪڙو هلڻ لڳو؛ ڇالاءِ جو سائول ۽ سندس ماڻهن، دائود ۽ سندس ماڻهن کي پڪڙڻ جي لاءِ اچي هنن کي چوڌاري وڪوڙيو هو.


تڏهن دائود وري خداوند کان پڇيو، ۽ خداوند کيس جواب ڏنو تہ اُٿ، قعيلہ ڏي لهي وڃ؛ ڇالاءِ جو آءٌ فلستي تنهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ