Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 23:26 - Sindhi Bible

26 ۽ سائول جبل جي هڪڙي پاسي هليو ويو، ۽ دائود پنهنجن ماڻهن سميت جبل جي ٻئي پاسي هليو ويو: ۽ دائود سائول جي ڊپ کان تڪڙو تڪڙو هلڻ لڳو؛ ڇالاءِ جو سائول ۽ سندس ماڻهن، دائود ۽ سندس ماڻهن کي پڪڙڻ جي لاءِ اچي هنن کي چوڌاري وڪوڙيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 سائول جبل جي هڪڙي پاسي هو تہ دائود ۽ سندس ماڻهو جبل جي ٻئي پاسي هئا. سائول کان ڀڄي وڃڻ لاءِ دائود تڪڙو تڪڙو ٿي هليو، جڏهن تہ سائول ۽ سندس ماڻهو دائود ۽ سندس ماڻهن کي پڪڙڻ جي لاءِ هنن کي چوڌاري وڪوڙيندا ٿي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 23:26
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن شريرن کان، جي مون سان ظلم ٿا ڪن، ۽ منهنجن جاني دشمنن کان، جي مون کي چوڌاري ويڙهي ويا آهن.


۽ هو زمين جي مٿان چوڌاري پکڙجي ويندا ۽ پاڪ ٿيلن جي لشڪرگاهہ ۽ پياري شهر کي وڪوڙي ويندا: ۽ آسمان مان باهہ ايندي ۽ انهن کي کائي ويندي.


اي ڀائرو، اسان جي مرضي نہ آهي تہ اوهين اسان جي انهيءَ مصيبت کان ناواقف رهو جا آسيہ ۾ اسان تي پيئي؛ جنهن ڪري اسين حد کان وڌيڪ، ۽ پنهنجي طاقت کان ٻاهر بار هيٺ اچي وياسين، ايتري قدر جو اسان پنهنجي حياتيءَ جي بہ اُميد لاهي ڇڏي.


مون تڙ تڪڙ ۾ چيو تہ تو مونکي پنهنجيءَ نظر کان پري ڪيو آهي: پر جڏهن مون توکي پڪاريو تڏهن تو منهنجو عرض ٻڌو.


ڇالاءِ جو ڪتن مونکي اچي گهيريو آهي: ۽ بدڪارن جي ٽولي مونکي ورائي ويئي آهي؛ اُنهن منهنجا هٿ ۽ پير وڍيا آهن.


گهڻن ڏاندن مونکي گهيريو آهي: ۽ بسن جا زوراور ڏاند منهنجي چوڌاري ڦري آيا آهن.


انهن اسان کي قدم قدم تي اچي گهيريو آهي: ۽ اسان کي زمين تي ڪيرائڻ لاءِ پنهنجون اکيون لڳايون اٿن.


اي اسان جا خدا، تون انهن جو انصاف نہ ڪندين ڇا؟ ڇالاءِ جو جيڪا وڏي جماعت اسان سان وڙهڻ لاءِ ٿي اچي، تنهن سان سامهون ٿيڻ جي اسان کي طاقت ڪانهي؛ نڪا اسان کي خبر ٿي پوي تہ ڇا ڪريون: پر اسان جون اکيون توتي آهن.


۽ دائود وٽ يروشلم ۾ جيڪي نوڪر هئا تن سڀني کي هن چيو تہ اُٿو تہ ڀڄي هلون؛ نہ تہ اسان مان ڪوبہ ابي سلوم کان نہ ڇُٽندو: جلدي ڪري نڪرو، متان هو تڪڙو ٿي اچي، اسان کي پهچي، ۽ اسان تي ڪا خرابي آڻي، ۽ ترار جي ڌار سان شهر کي ماري.


۽ يونتن ڇوڪر کي وڏي سڏ چيو تہ جلدي ڪر، تڪڙو ٿي ترس نہ. ۽ يونتن جو ڇوڪر تير گڏ ڪري پنهنجي ڌڻيءَ وٽ هليو آيو.


پوءِ ميڪل دائود کي دريءَ مان هيٺ لاهي ڇڏيو، ۽ هو هليو ويو، ۽ ڀڄي جند ڇڏايائين.


۽ غزہ جي ماڻهن کي خبر پيئي تہ سمسون اتي آيو آهي. تڏهن هو چوڌاري ڦري آيس، ۽ سڄي رات شهر جي دروازي وٽ هن جي لاءِ ترسيا رهيا، ۽ ماٺ ڪري ويٺا رهيا، ۽ چيائون تہ ڀلي صبح جي روشني ٿئي تہ پوءِ هن کي ماريون.


۽ سائول ۽ سندس ماڻهو هن کي ڳولڻ ويا. ۽ اُنهن دائود کي ٻڌايو: جنهنڪري هو اُنهي ٽڪر وٽ آيو، ۽ معون جي بيابان ۾ رهڻ لڳو: ۽ جڏهن سائول اهو ٻڌو تڏهن هو معون جي بيابان ۾ دائود جي پٺيان پيو


پر سائول وٽ هڪڙو قاصد آيو، جنهن اچي چيس تہ جلدي ڪري هل؛ ڇالاءِ جو فلستين ملڪ تي ڪاهہ ڪئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ