Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 23:22 - Sindhi Bible

22 ڀلائي ڪري وڃو ۽ وڃي زيادہ پڪ ڪريو، ۽ جتي هو اڪثر رهي ٿو، اُهو هنڌ ڏسو، ۽ خبر رکو تہ ڪنهن هن کي اُتي ڏٺو آهي: ڇالاءِ جو مون کي ٻڌايو اٿن تہ هو ڏاڍي پڪائي سان ٿو هلي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 پر ڀلائي ڪري وڃو ۽ وڃي وڌيڪ پڪ ڪريو. جتي هو اڪثر رهي ٿو اها جاءِ ڏسو ۽ خبر رکو تہ ڪنهن هن کي اتي ڏٺو آهي، ڇاڪاڻ تہ مون کي ٻڌايو ويو آهي تہ هو ڏاڍي چالاڪيءَ سان ٿو هلي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 23:22
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏس، هينئر هو ڪنهن غار ۾، يا ڪنهن ٻئي هنڌ لڪل هوندو: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن انهن مان ڪي پهرين مارجي ويندا، تڏهن جيڪو اها ڳالهہ ٻڌندو سو چوندو تہ ابي سلوم جي پٺيان جيڪي ماڻهو آهن تن ۾ ڪوس پيو آهي.


تڏهن هن چيو تہ وڃي ڏسو تہ هو ڪٿي آهي تہ آءٌ هن کي گهُرائي وٺان. ۽ هنن ٻڌايس تہ ڏس، هو دوتين ۾ آهي.


هو ڏاهن کي خود سندن هوشياريءَ ۾ پڪڙي ٿو، ۽ ڏنگن جي صلاح مصلحت اونڌي ڪري ڇڏي ٿو.


۽ سائول چيو تہ شل خداوند جي برڪت اوهان تي هجي: ڇالاءِ جو اوهان مون تي رحم ڪيو آهي.


تنهنڪري ڏسو ۽ هن جي لڪڻ جون سڀ جايون معلوم ڪريو، ۽ وري اچي مون کي پڪ ڏيو، تہ پوءِ آءٌ اوهان سان گڏجي هلندس: ۽ هيئن ٿيندو تہ جي هو انهي ملڪ ۾ هوندو، تہ يهوداہ جي سڀني هزارن مان بہ آءٌ هن کي ڳولي ڪڍندس.


۽ جبرون ۾، ۽ اُنهن سڀني جاين ڏي جتي دائود پاڻ ۽ سندس ماڻهو اڪثر گهمندا ڦرندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ