Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 23:2 - Sindhi Bible

2 تنهنڪري دائود خداوند کان پڇيو تہ آءٌ وڃي انهن فلستين کي ماريان يا نہ؟ ۽ خداوند دائود کي چيو تہ وڃ ۽ وڃي فلستين کي مار، ۽ قعيلہ کي بچاءِ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن دائود خداوند کان پڇيو تہ ”آءٌ وڃي انهن فلستين کي ماريان يا نہ؟“ خداوند وراڻيس تہ ”وڃ ۽ وڃي فلستين کي مار ۽ قعيلہ شهر کي بچاءِ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 23:2
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ کان پوءِ هيئن ٿيو تہ دائود خداوند کان پڇيو تہ آءٌ يهوداہ جي ڪنهن شهر ۾ چڙهي وڃان يا نہ؟ ۽ خداوند هن کي چيو تہ ڀلي وڃ. ۽ دائود چيو تہ ڪيڏانهن وڃان؟ هن چيو تہ حبرون ڏي.


۽ دائود خداوند کان صلاح پڇي تہ آءٌ فلستين سان وڙهڻ لاءِ چڙهي وڃان يا نہ؟ تون انهن کي منهنجن هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندين يا نہ؟ تڏهن خداوند دائود کي چيو تہ ڀلي چڙهي وڃ: ڇالاءِ جو آءٌ بيشڪ فلستين کي تنهنجن هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندس.


۽ جڏهن دائود خداوند کان صلاح پڇي تڏهن انهيءَ چيو تہ تون متان چڙهي وڃين: پر هنن جي چوڌاري ڦري توتن جي وڻن جي سامهون انهن جي مٿان ڪاهي اچي پئُہ.


۽ دائود خدا کان پڇيو تہ آءٌ فلستين تي چڙهي وڃان يا نہ؟ ۽ تون انهن کي منهنجن هٿن ۾ ڏيندين يا نہ؟ ۽ خداوند هن کي چيو تہ تون چڙهي وڃ؛ ڇالاءِ جو آءٌ هنن کي تنهنجن هٿن ۾ ڏيندس.


آءٌ توکي تعليم ڏيندس، ۽ جنهن رستي تي توکي هلڻ گهرجي سو ڏيکاريندس: آءٌ توکي صلاح ڏيندس ۽ منهنجي نظر توتي رهندي.


اي خداوند، مون کي خبر آهي تہ ماڻهوءَ جو رستو خود منجهس ناهي: اهو ماڻهوءَ جي اختيار ۾ نہ آهي تہ جيڏي وڻيس تيڏي پنهنجا قدم هلائي.


هو اليعزر ڪاهن وٽ بيهي، جو هن جي طرفان خداوند جي حضور مان اوريم جا فيصلا پڇندو رهي: انهي جي چوڻ تي هو، ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت جا ماڻهو، ٻاهر نڪرن ۽ انهي جي چوڻ تي موٽي اچن.


تڏهن انهن ماڻهن هنن جي سمر مان ڪجهہ کنيو، پر خداوند کان صلاح نہ پڇيائون.


۽ يشوع جي وفات ڪرڻ کان پوءِ هيئن ٿيو جو بني اسرائيل خداوند کان پڇيو، تہ اسان جي لاءِ ڪير پهرين ڪنعانين سان جنگ ڪرڻ لاءِ انهن تي ڪاهي وڃي؟


تنهنڪري هن خداوند کان وري بہ پڇيو تہ ڪو ماڻهو اڃا بہ هتي اچڻو آهي ڇا؟ ۽ خداوند ورندي ڏني تہ ڏسو، هن پاڻ کي سامان جي وچ ۾ وڃي لڪايو آهي.


۽ سائول خدا کان صلاح پڇي تہ آءٌ فلستين جي پٺيان وڃان يا نہ؟ تون هنن کي اسرائيل جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندين يا نہ؟ پر هن کيس ورندي نہ ڏني.


۽ دائود جي ماڻهن کيس چيو تہ ڏس، اسين هت يهوداہ ۾ ڊنا ويٺا آهيون: سو جيڪڏهن فلستين سان وڙهڻ جي لاءِ قعيلہ ڏي وينداسين تہ اسان کي ڪيترو نہ وڌيڪ ڊپ ٿيندو؟


تڏهن دائود وري خداوند کان پڇيو، ۽ خداوند کيس جواب ڏنو تہ اُٿ، قعيلہ ڏي لهي وڃ؛ ڇالاءِ جو آءٌ فلستي تنهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ابي ياتر بن اخيملڪ قعيلہ ڏي دائود ڏانهن ڀڳو هو، تڏهن هو پاڻ سان هڪڙو افود کڻي آيو هو.


۽ دائود خداوند کي سوال ڪري چيو تہ جيڪڏهن آءٌ هن لشڪر جي پٺيان پوندس تہ انهي کي پهچي سگهندس يا نہ؟ ۽ هن جواب ڏنس تہ پٺيان پئين: جو تون ضرور وڃي پهچندين، ۽ يقيناً سڀ ڪجهہ انهن کان وري بہ ڇڏائي وٺندين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ