Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 23:16 - Sindhi Bible

16 ۽ سائول جو پٽ يونتن اُٿيو، ۽ ٻيلي ۾ دائود وٽ ويو، ۽ خدا ۾ سندس هٿ مضبوط ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 تڏهن سائول جو پٽ يونتن ٻيلي ۾ دائود وٽ آيو ۽ کيس خدا جي يقيني حفاظت بابت همتايائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 23:16
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ مون هنن کي ٻڌايو تہ منهنجي خدا جو هٿ مون تي چڱائيءَ لاءِ آهي؛ ۽ جيڪي بادشاهہ مون کي چيو هو سو بہ ٻڌايومان. تڏهن هنن چيو تہ اُٿو تہ هلي اڏايون. انهيءَ طرح هنن انهيءَ چڱي ڪم لاءِ پنهنجا هٿ مضبوط ڪيا.


پر جيڪر اوهان کي پنهنجي وات سان مضبوط ڪريان، ۽ منهنجن چپن جي تسلي جيڪر اوهان جو ڏک هلڪو ڪري ڇڏي.


لوهہ لوهہ کي تکو ٿو ڪري، ساڳي طرح ماڻهو پنهنجي دوست جي شڪل کي تکو ٿو ڪري.


سرهو تيل ۽ عطر، دل کي خوش ڪن ٿا، انهي طرح دوست جي ڏنل دلي صلاح مٺي آهي.


ڇالاءِ جو ڪوڙ سان، جن سچارن کي مون غمگين نہ ڪيو آهي، تن جي دل کي اوهان رنج ڪيو آهي؛ ۽ شرير جي هٿن کي زور وارو ڪيو اٿوَ، تہ اُهو پنهنجي خراب رستي کان باز نہ اچي ۽ جيئرو نہ رهي.


پر مون تو لاءِ دعا گهُري تہ تنهنجي ايمان کي لوڏو نہ اچي: ۽ جڏهن تون ڦري موٽي مون ڏانهن اچين، تڏهن پنهنجن ڀائرن جي مدد ڪج.


۽ اُتي آسمان مان هڪڙي ملائڪ کيس ڏيکاري ڏني، ۽ اُهو ڏڍ ڏيڻ لڳس.


پڇاڙيءَ ۾ آئون چوان ٿو تہ، خداوند ۾ ۽ سندس قدرت جي ڪري زور وارا ٿيو.


پر يشوع کي حڪم ڏي، ۽ همتائينس، ۽ هن کي مضبوط ڪر؛ ڇالاءِ جو هو اُمت کي پار وٺي ويندو، ۽ جيڪو ملڪ تون ڏسندين، سو هنن کي ورثي ۾ ڏياريندو.


تنهنڪري اي منهنجا فرزند، جيڪو فضل مسيح يسوع ۾ آهي، تنهن ۾ تون زور وارو ٿيءُ.


۽ دائود ڏٺو تہ سائول سندس جان جي پٺيان آهي: ۽ دائود زيف جي بيابان ۾ ٻيلي منجهہ هو.


۽ دائود کي ڏاڍو ڏک ٿيو؛ ڇالاءِ جو ماڻهن هن کي سنگسار ڪرڻ جي ڳالهہ پئي ڪئي، جو سڀ ماڻهو پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن جي لاءِ غمگين هئا: پر دائود پاڻ کي خداوند پنهنجي خدا ۾ مضبوط ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ