Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 23:1 - Sindhi Bible

1 ۽ هنن دائود کي خبر ڏني تہ ڏس، فلستي قعيلہ سان ٿا وڙهن، ۽ اَن ڳاهڻ جي پِڙن تي ڦرلٽ ٿا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 دائود کي ٻڌايو ويو تہ فلستين قعيلہ شهر تي حملو ڪيو آهي ۽ اهي اناج جي ديرن کي لٽي رهيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 23:1
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ اهو لوهہ، مٽي، پتل، چاندي ۽ سون گڏجي ڀڄي ڀري پيا، ۽ آرڙهہ جي اَن ڳاهڻ وارن پِڙن جي تهن وانگي ٿي پيا؛ ۽ انهن کي واءُ اُڏائي ويو، اهڙو جو انهن جو پتو ئي ڪونہ پيو: ۽ جيڪو پهڻ انهيءَ مورت کي لڳو هو سو هڪڙو وڏو جبل ٿي پيو، ۽ سڄي زمين ڀري ڇڏيائين.


تہ آءٌ بہ اوهان سان ائين ئي ڪندس؛ آءٌ اوهان تي خوف نازل ڪندس، يعني سلهہ ۽ تپ، جو اوهانجون اکيون چٽ ڪري ڇڏيندو، ۽ اوهان جي جان کي ڳاري ڇڏيندو: ۽ اوهان جو ٻج ڇٽڻ اجايو ٿيندو، ڇالاءِ جو اهو اوهان جا دشمن کائيندا.


تون پوکيندين پر لڻندين ڪين، تون زيتونن کي لتاڙيندين پر پاڻ کي تيل نہ مکيندين، تون شراب ڪڍندين پر پيئندين ڪين.


تنهنجيءَ زمين جي پيداوار، ۽ تنهنجي سموري ڪمائي، هڪڙي اهڙي قوم کائي ويندي جنهن کي تون نٿو سڃاڻين؛ تون سدائين مظلوم ۽ دٻايل رهندين:


اها تنهنجي چوپائي مال جا ٻچا، ۽ تنهنجي زمين کائي ويندي، جيسين ڪ تون برباد ٿي وڃين: ۽ اها تنهنجي لاءِ اَن، يا شراب، يا تيل، يا گاين، ۽ ڌڻن جا ٻچا بہ ڪين ڇڏيندي، جيسين ڪ توکي نابود نہ ڪري:


۽ قعيلہ، ۽ اڪزيب، ۽ مريسہ؛ نوَ شهر، سندن ڳوٺن سميت.


۽ خداوند جو فرشتو آيو، ۽ جيڪو شاهہ بلوط جو وڻ عفرہ ۾ يوآس ابيعزريءَ جو هو، تنهن جي هيٺان ويٺو: ۽ سندس پٽ جدعون انهيءَ وقت شراب ڪڍڻ واري چيچڙي ۾ سنگن مان ڪڻڪ سٽي پئي ڪڍي، انهي لاءِ تہ اُها مديانين کان لڪائي.


۽ هنن جي سامهون منزل ڪري زمين جي پيدائش، جيڪا غزہ جي حد تائين هوندي هئي، سا چٽ ڪندا هئا، ۽ اسرائيل ۾ ڪابہ کاڌي جي شيءِ نہ ڇڏيندا هئا، نڪي رڍون، نڪي ڍڳا، نڪي گڏهہ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ