Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 22:8 - Sindhi Bible

8 جو اوهان سڀني منهنجي برخلاف منصوبو ڪيو آهي، ۽ جڏهن منهنجو پٽ يسيءَ جي پٽ سان ٻڌي ٿو ڪري تڏهن ڪوبہ مون کي اها ڳالهہ ظاهر ڪري نٿو ٻڌائي، ۽ ڪنهن جو بہ هڏ منهنجي لاءِ نٿو ڏکي، ۽ نڪو مون کي ٻڌائي ٿو تہ منهنجي پٽ منهنجي نوڪرن کي چوري منهنجي برخلاف کڙو ڪيو آهي، ۽ وجهہ لاءِ لڪي ويٺو آهي، جيئن اڄوڪي ڏينهن حال آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 پوءِ ڇو اوهان منهنجي خلاف سازش ڪئي، جو جڏهن منهنجي پٽ يسيءَ جي پٽ سان عهد ٿي ڪيو، تڏهن ڪنهن بہ مون کي اها ڳالهہ ظاهر ڪري نہ ٻڌائي؟ ڪنهن جو بہ هڏ منهنجي لاءِ نہ ڏکيو؟ ڪنهن بہ مون کي نہ ٻڌايو تہ منهنجي پٽ منهنجي نوڪر کي لڪ چوريءَ منهنجي خلاف کڙو ڪيو آهي، ايتري قدر جو اهو منهنجي مارڻ لاءِ وجھہ وٺي لڪو ويٺو آهي، جيئن اڄوڪي ڏينهن اوهين ڏسو ٿا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 22:8
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ ڳالهہ ڪري ارام جو بادشاهہ ڏاڍيءَ ڳڻتيءَ ۾ پيو؛ ۽ هن پنهنجن نوڪرن کي سڏي چيو تہ اوهين مون کي ڪين ٻڌائيندا ڇا تہ اسان مان ڪهڙو اسرائيل جي بادشاهہ جي طرف آهي؟


تڏهن هو ماڻهن جا ڪن کولي ٿو، ۽ هنن جي تعليم تي مهر هڻي ٿو ڇڏي،


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن سائول سان ڳالهائي بس ڪئي تڏهن يونتن جو روح دائود جي روح سان اٽڪي ويو، ۽ يونتن هن کي پنهنجي ساهہ جهڙو پيارو سمجهيو.


تڏهن يونتن ۽ دائود پاڻ ۾ عهد اقرار ڪيو، ڇالاءِ جو هن انهي کي پنهنجي ساهہ جيترو پيار ٿي ڪيو.


۽ هن چيس تہ خدا پناهہ رکي؛ تون ڪين مرندين: ڏس، منهنجو پيءُ ڪوبہ اهڙو وڏو يا ننڍو ڪم نہ ڪندو آهي، جو مون کي نہ ٻڌائيندو آهي: ۽ منهنجو پيءُ مون کان اها ڳالهہ ڇو لڪائيندو؟ ائين ڪين آهي.


۽ يونتن دائود کي چيو تہ خير سان روانو ٿي، ڇالاءِ جو اسان ٻنهي خداوند جي نالي جو قسم کنيو آهي، ۽ چيو اٿئون تہ خداوند منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾، ۽ منهنجي اولاد ۽ تنهنجي اولاد جي وچ ۾، هميشہ لاءِ رهندو. پوءِ هو اُٿي روانو ٿيو: ۽ يونتن شهر ڏي ويو.


تنهنڪري پنهنجي ٻانهي سان مهرباني جي رستي هل؛ ڇالاءِ جو تو پنهنجي ٻانهي سان خداوند جي اڳيان عهد اقرار ڪيو آهي: پر جي مون ۾ گناهہ هجي تہ مون کي ڀلي قتل ڪري ڇڏ؛ پر ڇالاءِ تون مون کي پنهنجي پيءُ وٽ وٺي ٿو هلين؟


۽ سائول هن کي چيو تہ تو، ۽ يسيءَ جي پٽ، اوهان ٻنهي ڇو منهنجي برخلاف ٻڌي ڪئي آهي، جو تو هن کي ماني ۽ ترار ڏني، ۽ هن جي لاءِ خدا کان سوال گهريو تہ هو منهنجي برخلاف کڙو ٿئي، ۽ لڪي ويهي، جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي.


۽ سائول چيو تہ شل خداوند جي برڪت اوهان تي هجي: ڇالاءِ جو اوهان مون تي رحم ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ