Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 22:5 - Sindhi Bible

5 ۽ جاد نبيءَ دائود کي چيو تہ انهي ڳڙهہ ۾ نہ رهہ؛ هتان نڪري يهوداہ جي ملڪ ۾ وڃ. تڏهن دائود نڪري ويو، ۽ حارت جي ٻيلي ۾ آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 پوءِ جاد نبيءَ اچي دائود کي چيو تہ ”انهيءَ پهاڙي غار ۾ نہ رهہ، بلڪ هتان نڪري يهوداہ جي ملڪ ڏانهن وڃ.“ تڏهن دائود اتان روانو ٿيو ۽ حارت جي ٻيلي ۾ اچي پهتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 22:5
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود تڏهن ڪوٽ ۾ هو، ۽ فلستين جو پهري وارو لشڪر تڏهن بيت الحم ۾ هو.


۽ جڏهن دائود صبح جو اُٿيو تڏهن خداوند جو ڪلام دائود جي غيب دان جاد نبيءَ تي نازل ٿيو، جنهن چيس تہ


۽ دائود تڏهن ڪوٽ ۾ هو، ۽ فلستين جي پهري وارن جي فوج تڏهن بيت الحم ۾ هئي.


۽ خداوند دائود جي غيب دان، جاد کي فرمايو تہ


هاڻي دائود بادشاهہ جا ڪم، شروع کان وٺي آخر تائين، ڏس، سڀيئي سموئيل غيب دان جي تواريخ ۾، ۽ ناتن نبيءَ جي تواريخ ۾، ۽ جاد غيب دان جي تواريخ ۾؛


۽ هن خداوند جي گهر ۾ لاوين کي جهانجهن سان، سنطورن سان ۽ بربطن سان دائود جي، ۽ بادشاهہ جي غيب دان جاد، ۽ ناتن نبيءَ جي حڪم موجب مقرر ڪيو: ڇالاءِ جو اهو حڪم خداوند جو سندس نبين جي معرفت مليل هو.


اي خدا، تون منهنجو خدا آهين؛ آءٌ سويرو ئي توکي ڳوليندس: خشڪ ۽ ويران زمين ۾ جتي پاڻي ڪونهي، منهنجي جان تو لاءِ سِڪايل ۽ منهنجو بدن تو لاءِ مشتاق آهي.


۽ هو اُنهن کي موآب جي بادشاهہ وٽ وٺي آيو: ۽ جيسين دائود ڳڙهہ ۾ لڪل هو تيسين اُهي هن وٽ رهيا پيا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ