Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 22:3 - Sindhi Bible

3 پوءِ دائود اُتان موآب جي مصفاہ ڏي ويو: ۽ موآب جي بادشاهہ کي چيائين تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجي پيءُ ۽ ماءُ کي موڪل ڏي تہ نڪري اچي تو وٽ رهن، جيسين ڪ مون کي خبر پوي تہ خدا منهنجي لاءِ ڇا ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 تڏهن دائود اتان موآب ملڪ جي مصفاہ شهر ڏانهن روانو ٿيو ۽ موآب جي بادشاهہ کي اچي چيائين تہ ”مهرباني ڪري منهنجي ماءُ پيءُ کي تيستائين پاڻ وٽ رهڻ ڏي، جيستائين مون کي خبر پوي تہ خدا منهنجي لاءِ ڇا ٿو ڪري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 22:3
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يوسف پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي ڀائرن کي فرعون جي حڪم موجب مصر جي ملڪ ۾ تمام چڱي زمين، يعني رعمسيس جي زمين سندن قبضي ۾ ڏيئي، کين اتي رهايو.


۽ هن موآب کي ماريو، ۽ اتي جي ماڻهن کي زمين تي سمهاري، رسيءَ سان انهن جي ماپ ورتائين؛ ۽ ٻن رسين جي ماپ جيترا هن مارائي ڇڏيا، ۽ هڪڙي رسيءَ جيترا جيئرا ڇڏي ڏنا. ۽ موآبي دائود جا ٻانها ٿيا، ۽ نذرانا کڻي آيا.


تون پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪر، تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجي عمر وڏي ٿئي.


پر جي ڪنهن بيوهہ زال کي پٽ يا پوٽا هجن تہ اُهي ڀلي پهرين پنهنجي گهراڻي سان دينداريءَ جي هلت ڪرڻ، ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ جو بار لاهڻ سکن؛ ڇالاءِ جو خدا جي نظر ۾ اها ئي ڳالهہ چڱي آهي.


تڏهن خداوند جو روح افتاح تي نازل ٿيو، ۽ هو جلعاد ۽ منسيءَ جي مٿين پاسي لنگهي، جلعاد جي مصفاہ ۾ آيو، ۽ جلعاد جي مصفاہ کان لنگهي بني عمون تائين پهتو.


تنهن کان سواءِ روٿ موآبڻ، محلون جي زال، مون خريد ڪئي آهي تہ انهيءَ کي پنهنجي زال ڪريان، ۽ فوتيءَ جو نالو انهي جي ميراث تي قائم ڪريان، تہ انهيءَ جو نالو سندس ڀائرن مان، ۽ سندس جاءِ جي دروازي تان ميٽجي نہ وڃي: اوهين اڄ شاهد آهيو.


۽ سندس پاڙي وارين زالن انهيءَ جو نالو رکيو ۽ چيائون تہ نعوميءَ جي لاءِ پٽ ڄائو آهي؛ ۽ انهيءَ جو نالو هنن عوبيد رکيو: اُهو يسيءَ جو پيءُ آهي، جو وري دائود جو پيءُ آهي.


هاڻي جڏهن سائول کي اسرائيل تي بادشاهي ملي تڏهن هو هر طرف پنهنجن سڀني دشمنن سان وڙهيو، يعني موآب سان، بني عمون سان، ادوم سان، ۽ ضوباہ جي بادشاهن سان، ۽ فلستين سان: ۽ جنهن پاسي هن منهن ٿي ڪيو، انهي پاسي انهن کي شڪست ٿي ڏنائين.


۽ جيڪو ڪنهن تنگيءَ ۾ هو؛ ۽ جيڪو قرضي هو، ۽ جيڪو ڏکويل هو، سي سڀ اچي وٽس گڏ ٿيا؛ ۽ هو انهن جو سردار ٿيو: انهي طرح اٽڪل چار سؤ ماڻهو ساڻس شامل ٿيا.


۽ هو اُنهن کي موآب جي بادشاهہ وٽ وٺي آيو: ۽ جيسين دائود ڳڙهہ ۾ لڪل هو تيسين اُهي هن وٽ رهيا پيا هئا.


۽ سموئيل سڀ ڪجهہ هن کي ٻڌايو، ۽ هن کان ڪجهہ بہ نہ لڪايائين. ۽ هن چيو تہ اهو خداوند آهي: ڀلي اُنهي کي جيڪي وڻي سو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ