Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 22:17 - Sindhi Bible

17 ۽ بادشاهہ پنهنجي آس پاس بيٺل پهري وارن کي چيو تہ ڦرو ۽ خداوند جي ڪاهنن کي قتل ڪريو؛ ڇالاءِ جو هنن جو هٿ بہ دائود سان آهي، ۽ ڇالاءِ تہ هنن کي خبر هئي تہ هو ڀڳل آهي پر هنن اها ڳالهہ مون کي ظاهر ڪري نہ ٻڌائي. پر بادشاهہ جي نوڪرن خداوند جي ڪاهنن تي پنهنجو هٿ ڊگهو ڪرڻ نہ گهريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 پوءِ بادشاهہ پنهنجي آس‌پاس بيٺل پهري وارن کي چيو تہ ”اُٿو ۽ خداوند جي ڪاهنن کي قتل ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ دائود سان گڏ سازش ۾ هنن جو بہ هٿ آهي، جو هنن کي خبر هئي تہ هو ڀڳل آهي. تڏهن بہ هنن اها ڳالهہ مون کي نہ ٻڌائي.“ پر بادشاهہ جي نوڪرن خداوند جي ڪاهنن تي پنهنجو هٿ کڻڻ نہ چاهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 22:17
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ کان پوءِ هيئن ٿيو تہ ابي سلوم پنهنجي لاءِ گاڏي ۽ گهوڙا، ۽ پنجاهہ ماڻهو تيار ڪيا تہ هن جي اڳيان ڊوڙن.


تڏهن ادونياہ بن حجيت، وڏائيءَ جو دم هڻي چوڻ لڳو تہ آءٌ بادشاهہ ٿيندس: ۽ هن پنهنجي لاءِ گاڏيون ۽ گهوڙي سوار تيار ڪيا، ۽ پنجاهہ ماڻهو بہ، انهيءَ لاءِ تہ سندس اڳيان ڊوڙي هلن.


۽ بادشاهہ رحبعام انهن جي بدران پتل جون سپرون جوڙايون، ۽ جيڪي سپاهي بادشاهہ جي گهر جي در تي پهرو ڏيندا هئا، تن جي عملدارن جي هٿن ۾ اُهي ڏيئي ڇڏيائين.


ڇالاءِ جو هيئن ٿيو تہ جڏهن ايزبل خداوند جا نبي وڍي ڇڏيا هئا، تڏهن عبدياہ سؤ نبين کي وٺي، پنجاهہ پنجاهہ ڪري غار ۾ لڪايو هئائين، ۽ اُنهن کي ماني کارايائين ۽ پاڻي پياريائين.)


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن سوختني قرباني چاڙهي بس ڪئي، تڏهن ياهوءَ پهري وارن کي ۽ لشڪر جي سردارن کي چيو تہ اندر لنگهي وڃي هنن کي ڪُهو؛ جيئن هڪڙو بہ ٻاهر نہ نڪري. ۽ هنن انهن کي ترار جي ڌار سان وڃي ماريو؛ پوءِ پهري وارن ۽ لشڪر جي سردارن انهن کي ٻاهر اُڇلائي ڦٽو ڪيو ۽ بعل جي گهر واري شهر ڏانهن هليا ويا.


پر دايون خدا کان ڊنيون ۽ جيئن مصر جي بادشاهہ حڪم ڏنو هون، تيئن نہ ڪيائون: ۽ پٽن کي بہ جيئرو ڇڏيائون.


پر پطرس ۽ يوحنا ورندي ڏيئي چيو، تہ اوهين انصاف ڪري ڏسو، تہ خدا جي نظر ۾ اها ڳالهہ ڪا برابر آهي ڇا، تہ خدا جي بدران اوهان جو چيو مڃجي.


۽ ماڻهن سائول کي چيو تہ يونتن، جنهن اسرائيل ۾ هي وڏو ڇوٽڪاري جو ڪم ڪيو آهي، ماريو ويندو ڇا؟ شل خدا ائين نہ ڪري. خداوند جيئري جو قسم آهي تہ هن جي مٿي جو هڪڙو وار بہ زمين تي ڪونہ ڪرندو؛ ڇالاءِ جو هن اڄ خدا سان گڏجي ڪم ڪيو آهي. انهي طرح ماڻهن يونتن کي ڇڏايو جنهنڪري هو ڪين مئو.


ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن تنهنجو زور ۽ تنهنجي پيءُ جي گهراڻي جو زور آءٌ ڀڃي ڇڏيندس، جنهنڪري تنهنجي گهراڻي ۾ ڪوبہ پير مرد ڪونہ ٿيندو.


تڏهن سائول هن کي مارڻ لاءِ پنهنجو نيزو اُڇلائي هنيو: انهي مان يونتن سمجهيو تہ پڻس دائود کي مارڻ جو پڪو ارادو ڪيو آهي.


۽ سائول هن کي چيو تہ تو، ۽ يسيءَ جي پٽ، اوهان ٻنهي ڇو منهنجي برخلاف ٻڌي ڪئي آهي، جو تو هن کي ماني ۽ ترار ڏني، ۽ هن جي لاءِ خدا کان سوال گهريو تہ هو منهنجي برخلاف کڙو ٿئي، ۽ لڪي ويهي، جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي.


۽ بادشاهہ چيو تہ اي اخيملڪ، تون ۽ تنهنجي پيءُ جي گهر وارا سڀ ضرور مرندا.


تنهنڪري هاڻي ڄاڻ ۽ ويچار ڪر، تہ ڇا ڪرڻو اٿيئي؛ ڇالاءِ جو اسان جي ڌڻي ۽ سندس ساري گهراڻي لاءِ خرابي رٿي ويئي آهي: هن ڪري جو هو اهڙو بڇڙو آهي جو ڪوبہ هن سان ڳالهائي نٿو سگهي.


۽ چيائين تہ جيڪو بادشاهہ اوهان تي حڪم هلائيندو سو هن قسم جو هوندو: اُهو اوهانجن پٽن کي وٺي پنهنجين گاڏين جي لاءِ پاڻ وٽ مقرر ڪندو، ۽ پنهنجن گهوڙن جي خدمت ڪرائيندو؛ ۽ ڪي سندس گاڏين جي اڳيان ڊوڙندا:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ