Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 22:15 - Sindhi Bible

15 آءٌ اڄ ئي هن جي لاءِ خدا کان دعا گهرڻ لڳو آهيان ڇا؟ شل اهڙو ڪم مون کان پري هجي: بادشاهہ پنهنجي ٻانهي تي، يا منهنجي پيءُ جي ساري گهر تي، ڪوبہ الزام نہ آڻي: ڇالاءِ جو تنهنجي ٻانهي کي انهي بابت ڪابہ خبر ڪانهي، نہ ٿوري نہ گهڻي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 پر ڇا انهيءَ ڏينهن مون پهريون دفعو هن جي باري ۾ خداوند کان معلوم ڪيو هو؟ هرگز نہ. بادشاهہ پنهنجي هن ٻانهي تي يا منهنجي پيءُ جي سڄي گھراڻي تي ڪوبہ الزام نہ هڻي، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي ٻانهي کي انهيءَ سڄي معاملي جي ڪابہ خبر ڪانهي، نہ ٿوري نہ گھڻي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 22:15
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ابي سلوم ٻہ سؤ ماڻهن کي دعوت ڏني ۽ اُهي هن سان گڏ يروشلم مان روانا ٿيا، ۽ سادگيءَ سان ويا؛ ۽ ڪنهن بہ ڳالهہ جي خبر نہ هين.


۽ هڪڙي پتڻ جي ٻيڙي، بادشاهہ جي گهراڻي جي پار لنگهائڻ لاءِ، ۽ سندس خدمت لاءِ ويئي. ۽ سمعي بن جيرا يردن لنگهڻ کان پوءِ اچي بادشاهہ جي اڳيان سجدو ڪيو.


۽ هن تڏهن بادشاهہ کي چيو تہ منهنجو ڌڻي مون تي ڪو قصور نہ رکي، ۽ نہ منهنجو ڌڻي اهو ڪم ياد رکي دل ۾ ڪري، جو تنهنجي ٻانهي ڏنگائي ڪري انهيءَ ڏينهن ڪيو هو، جنهن ڏينهن منهنجو ڌڻي بادشاهہ نڪري يروشليم مان ويو هو.


۽ دائود خداوند کان صلاح پڇي تہ آءٌ فلستين سان وڙهڻ لاءِ چڙهي وڃان يا نہ؟ تون انهن کي منهنجن هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندين يا نہ؟ تڏهن خداوند دائود کي چيو تہ ڀلي چڙهي وڃ: ڇالاءِ جو آءٌ بيشڪ فلستين کي تنهنجن هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندس.


۽ جڏهن دائود خداوند کان صلاح پڇي تڏهن انهيءَ چيو تہ تون متان چڙهي وڃين: پر هنن جي چوڌاري ڦري توتن جي وڻن جي سامهون انهن جي مٿان ڪاهي اچي پئُہ.


ڇالاءِ جو اسان جو فخر هيءُ آهي، ۽ اسان جي دل بہ شاهدي ٿي ڏئي، تہ اسان دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اوهان ۾ جيڪا هلت چلت ڪئي، سا جسماني ڏاهپ سان نہ، پر پاڪيزگيءَ، ۽ راستبازيءَ، ۽ خدا جي فضل سان.


۽ بادشاهہ چيو تہ اي اخيملڪ، تون ۽ تنهنجي پيءُ جي گهر وارا سڀ ضرور مرندا.


پوءِ ابيجيل نابال وٽ آئي؛ ۽ ڏس هن پنهنجي گهر ۾ شاهاڻي مجلس جهڙي هڪڙي مجلس ڪئي؛ ۽ نابال جي دل ۾ خوشي هئي، ڇالاءِ جو هو ڏاڍي نشي ۾ هو: تنهنڪري صبح جي سوجهري ٿيڻ تائين سندس زال کيس نڪي گهٽ نڪي وڌ چيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ